سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دورو، پهريون جٿو پاڪستان پهچي ويو

لاهور-05 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل سريلنڪا جي مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پهريون جٿو اسلام آباد پهچي ويو آهي . سريلنڪن ٽيم جا 13 رڪني ابتدائي رانديگر شامل آهن جن ۾  ٽي-20 اسڪواڊ جا 8 رانديگر جڏهن ته ٽيم مينيجمينٽ جا 5 آفيشلز شامل آهن. اسلام آباد پهتل رانديگرن ۾ سريلنڪا جي ٽي- 20 ٽيم جو ڪپتان ڪوشال مينڊس، آل رائونڊر داسن شناڪا، اسپنر مهيش ٿيڪشانا …

لاهور-05 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل سريلنڪا جي مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پهريون جٿو اسلام آباد پهچي ويو آهي . سريلنڪن ٽيم جا 13 رڪني ابتدائي رانديگر شامل آهن جن ۾  ٽي-20 اسڪواڊ جا 8 رانديگر جڏهن ته ٽيم مينيجمينٽ جا 5 آفيشلز شامل آهن. اسلام آباد پهتل رانديگرن ۾ سريلنڪا جي ٽي- 20 ٽيم جو ڪپتان ڪوشال مينڊس، آل رائونڊر داسن شناڪا، اسپنر مهيش ٿيڪشانا ۽ فاسٽ بالر ايشان ملنگا شامل آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي- ٽوئنٽي سيريز جي شروعات جمعي کان ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جون ميچز راولپنڊي ڪرڪٽ اسٽيديم ۾ کيڏيون وينديون. شيڊول موجب ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز 9 کان 13 آڪٽوبر تائين جاري رهندي.

مزید خبریں