نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات، پاڪستان – برطانيا لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل طريقو آهي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ …

اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل طريقو آهي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان – برطانيا لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار جي آجيان ڪئي ۽ ان تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل طريقو آهي.

مزید خبریں