اسلام آباد- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز طرفان پنهنجي ٻن شهرين جي قتل تي ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪري شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، جڏهن ته واضح ڪيو ويو ته پاڪستان فوت ٿي ويل ماڻهن کي در انداز قرار ڏيڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور تي رد ڪري ٿو، ڀارت بنيادي انساني حقن ۽عالمي قانون جو احترام يقيني بڻائي ۽ لاڳاپيل ٻه …
پاڪستان، ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس طرفان پنهنجي ٻن شهرين جي قتل تي ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز طرفان پنهنجي ٻن شهرين جي قتل تي ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪري شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، جڏهن ته واضح ڪيو ويو ته پاڪستان فوت ٿي ويل ماڻهن کي در انداز قرار ڏيڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور تي رد ڪري ٿو، ڀارت بنيادي انساني حقن ۽عالمي قانون جو احترام يقيني بڻائي ۽ لاڳاپيل ٻه طرفن انتظامن ۽ سرحدي طريقيڪار جي سختي سان پابندي ڪري. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪيو ويو ته جيئن عالمي سرحد جي بيديان سيڪٽر ۾ 2 آڪٽوبر 2026ع جي ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن طرفان ٻن پاڪستاني شهرين جي قتل تي پاڪستان جو شديد احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهجي. بي ايس ايف اهلڪارن غير هٿياربند شهرين خلاف بنا جواز طاقت جو استعمال ڪيو. ترجمان چيو ته طاقت جو اهو استعمال قطعي طور تي غير ضروري ۽ انتهائي غير مناسب هو جنهن جي نتيجي ۾ 2 قيمتي انساني زندگيون ضايع ٿيون. ترجمان واضح ڪيو ته طاقت جو اهو استعمال قطعي طور تي غير ضروري ۽ انتهائي غير مناسب هو جنهن جي نتيجي ۾ 2 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون. ترجمان واضح ڪيو ته پاڪستان فوت ٿي ويل ماڻهن کي در انداز قرار ڏيڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور تي رد ڪري ٿو، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهو واقعو بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ عالمي قانون تحت شهري زندگي جي تحفظ بابت سنگين خدشا پيدا ڪري ٿو. ترجمان مطابق ڀارت کي چيو ويو آهي ته هو ان واقعي جي فوري، شفاف ۽ اعتماد جوڳي جاچ ڪري، ذميوارن خلاف مناسب ۽ قانوني ڪارروائي ڪري. ترجمان مطابق ڀارت کي وڌيڪ چيو ويو آهي ته هو بنيادي انساني حقن ۽ عالمي قانون جو احترام يقيني بڻائي، لاڳاپيل ٻه طرفن انتظامن ۽ سرحدي طريقيڪار جي سختي سان پابندي ڪري، اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ ۾ انتهائي ضبط کان ڪم وٺي ۽ اهڙن واقعن جي ٻيهر رونما ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.










