پاڪستان جي غير ملڪي قبضن جي مذمت، ڪشمير ۽ فلسطين جي خوداراديت واري حق تي گڏيل قومن کان عملي قدمن جو مطالبو

گڏيل قومون - 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غير ملڪي قبضن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن تي زور ڀريو آهي، ته ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام جي خوداراديت واري حق جي ضمانت ڏيندڙ پنهنجي پراڻين ٺهرائن تي عملدرآمد يقيني بڻائي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٽين ڪميٽي ۾ عام بحث کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون چيو آهي، ته عالمي قانون …

گڏيل قومون – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غير ملڪي قبضن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن تي زور ڀريو آهي، ته ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام جي خوداراديت واري حق جي ضمانت ڏيندڙ پنهنجي پراڻين ٺهرائن تي عملدرآمد يقيني بڻائي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٽين ڪميٽي ۾ عام بحث کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون چيو آهي، ته عالمي قانون کي هڪ صورتحال ۾ ڀرپور طريقي سان لاڳو ۽ ٻي ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. گڏيل قومن جي رڪارڊ ۾ به عثمان جدون جا حق خوداراديت ۽ ڪشمير بابت معاملن تي بيان موجود آهن. هن چيو ته تقريبن 8 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام سلامتي ڪائونسل جي انهن ٺهرائن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. جن ۾ رياست ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. سفير عثمان جدون چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بنيادي آزادين تي پابندين ۽ دٻاءَ ۾ وڌيڪ واڌارو آيو آهي جڏهن ته علائقي جي آبادياتي ۽ سياسي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به جاري آهي. هن چيو ته گرفتاريون، جبري گمشديون، اظهار راءِ ۽ پرامن اجتماعن تي پابنديون ۽ آبادياتي تبديلي جي ڪوشش ڊگهي عرصي تائين جاري رهڻ سبب قابل قبول نه ٿيون ٿي سگهن. ڀارتي نمائندي جواب جو حق استعمال ڪندي ڪشمير کي ڀارت جو ذاتي معاملو قرار ڏنو جنهن تي پاڪستاني نمائندي جواب ڏيندي چيو ته ڄمون ڪشمير عالمي طور تسليم ڪيل تڪراري علائقو آهي ۽ ان جي حتمي هيثيت ڪشميري عوام جي خواهشن موجب لاڳاپيل گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت طئي ڪرڻو آهي. فلسطين جي حوالي سان سفير عثمان جدون چيو ته فلسطيني عوام خاص ڪري غزه ۾ جنهن صورتحال مان گذري رهيو آهي، اهو عالمي برادري جي اجتماعي ضمير لاءِ هڪ اهم امتحان آهي. هن شهرين جي تحفظ، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي، عالمي قانونن جي پاسداري ۽ احتساب يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق کي عملي صورت ڏيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي هاڻوڪن دستاويزن ۾ به فلسطين جي خوداراديت واري حق ۽ غزه ۽ اولهندي ڪناري جي سنگين انساني صورتحال تي مسلسل توجهه ڏني وئي آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي محدود مالي گنجائش، غير پائيدار قرضن، موسمياتي بحرانن ۽ وڌندڙ فني نار جهڙا چئلينج سامهون آهن. جڏهن ته موجوده عالمي مالياتي نظام ڪيترن ئي وقت ۾ ان اڻبرابري کي گهٽائڻ بدران وڌيڪ واڌارو ڏئي ٿو. هن ترقي جي حق کي انساني حقن جي ايجنڊا ۾ ان جو جائز مقام ڏيارڻ تي زور ڀريو.

مزید خبریں