اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن پاڪستان – بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي ٽئين اجلاس جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن جي هو پنهنجي بحريني هم منصب سان گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري نائب …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الوزارتي اجلاس، پاڪستان – بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن پاڪستان – بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي ٽئين اجلاس جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن جي هو پنهنجي بحريني هم منصب سان گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن بابت بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان – بحرين تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ جي ايم سي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي ويجهي هم آهنگي سان تياريون مڪمل ڪن ۽ ايندڙ هفتي بحريني پرڏيهي وزير جي دوري جا ٺوس نتيجا حاصل ڪن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وقتي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.










