سامونڊي معاملن واري وزير جي ون ڊور پورٽ بزنس سهولت مرڪز جي قيام تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 03 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪراچي ۾ ون ڊور سهولت مرڪز جي قيام تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن بندرگاهن بابت ڪاروباري خدمتون هڪ ئي ڇت هيٺ فراهم ڪري سگهجن. وزيراعظم جي ويزن موجب بندرگاهي واپار بابت سموريونخ دمتون هڪ ئي ڇت هيٺ دستياب هئڻ گهرجن. سامونڊي معاملن واري وزارت موجب وفاقي وزير اها …

اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪراچي ۾ ون ڊور سهولت مرڪز جي قيام تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن بندرگاهن بابت ڪاروباري خدمتون هڪ ئي ڇت هيٺ فراهم ڪري سگهجن. وزيراعظم جي ويزن موجب بندرگاهي واپار بابت سموريونخ دمتون هڪ ئي ڇت هيٺ دستياب هئڻ گهرجن. سامونڊي معاملن واري وزارت موجب وفاقي وزير اها هدايت سامونڊي معاملن واري وزارت جي جاري منصوبن ۽ قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد هفتيوار اجلاس دوران ڏني. اجلاس ۾ سامونڊي واپار کي آسان بڻائڻ، ماهيگيري جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ جي بليو اڪانامي (سامونڊي معيشت) کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف منصوبن ۽ پاليسي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. وفاقي وزير ڪاروباري سهولت لاءِ تجويز ڪيل ون ڊور سيل تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انهن قدمن جو مقصد بندرگاهن سان لاڳاپيل ڪاروبارن لاءِ حڪومتي خدمتن تائين رسائي کي آسان بڻائڻ آهي. هن چيو ته واپار ۾ آساني جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن موجب بندرگاهي واپار بابت سموريون خدمتون هڪ ئي ڇت هيٺان دستياب هئڻ گهرجن. اجلاس ۾ جهازن ۽ ماهيگيرن جي ٻيڙين جي رجسٽريشن واري عمل کي آسان بڻائڻ وارين تجويزن سان گڏوگڏ بليو اڪانامي ۽ ماهيگيري واريون شيون برآمد ڪندڙن لاءِ ٽيڪس رعايتن بابت قدمن جو پڻ جائزو ورتو ويو.

مزید خبریں