بلاول ڀٽو زرداري پاران قصور ويجهو ڀارتي بي ايس ايف جي فائرنگ سبب ٻن پاڪستاني شهرين جي شهادت جي شديد مذمت

اسلام آباد - 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قصور ويجهو ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب ٻن پاڪستاني شهرين جي شهادت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته هٿين خالي پاڪستاني شهرين کي فائرنگ جو نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. پي پي پي ميڊيا سيل پاران جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ٿيل شهرين عظمت …

اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قصور ويجهو ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب ٻن پاڪستاني شهرين جي شهادت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته هٿين خالي پاڪستاني شهرين کي فائرنگ جو نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. پي پي پي ميڊيا سيل پاران جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ٿيل شهرين عظمت رسول ۽ محسن جٽ جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته عالمي سرحد تي هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني حياتين جي حرمت ۽ طي شٿيل سرحدي ضابطن جي سنگين ڀڃڪڙيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم پاڪستاني شهرين جي رت کي مودي سرڪار ۽ ڀارتي گودي ميڊيا ڪنهن هٿ ٺوڪي بيانئي ۾ ڪنهن پردي ۾ لڪائي نٿا سگهن. هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، قوم پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ متحد آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت کي حق جي ويڙهه ۾ پنهنجي شڪست مان سبق سکڻ گهرجي عالمي سرحد تي طي ٿيل ضابطن ۽ انساني حياتين جي احترام کي يقيني بڻائڻو پوندو.

مزید خبریں