اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي جمهوريه جرمني جي صدر ڊاڪٽر فرينڪ والٽر اسٽائن مائر ۽ جرمني جي عوام کي جرمن اتحاد جي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جرمني کي هڪ اعتماد جوڳي حصيدار جي حيثيت سان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا مسلسل وڌي رهيا آهن. ايوان صدر جي ميڊيا …
صدر آصف علي زرداري پاران وفاقي جمهوريه جرمني جي صدر ۽ عوام کي جرمن اتحاد جي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي جمهوريه جرمني جي صدر ڊاڪٽر فرينڪ والٽر اسٽائن مائر ۽ جرمني جي عوام کي جرمن اتحاد جي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جرمني کي هڪ اعتماد جوڳي حصيدار جي حيثيت سان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا مسلسل وڌي رهيا آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جرمني کي هڪ اعتماد جوڳي حصيدار جي حيثيت سان انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جا گڏيل لاڳاپا سياسي، اقتصادي، توانائي، ثقافتي، تعليمي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ مسلسل وڌندا رهندا. هن يورپي يونين جي اندر جرمني جي اهم ڪردار ۽ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جرمني جي تعاون کي پڻ ساراهيو. صدر آصف علي زرداري اميد ظاهر ڪئي ته صدر ڊاڪٽر فرينڪ والٽر اسٽائن مائر سان گڏجي ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ پاڪستان ۽ جرمني جي وچ م دوستي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو.










