کٽمنڊو- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) نيپال جي نوال پاراسي ايسٽ ضلعي ۾ مسافر بس حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب 6 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته بس ۾ 18 مسافر سوار هئا، ۽ اها اولهه نيپال جي ضلعي بانڪي کان گادي واري هنڌ کٽمنڊو وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي پئي. ضلعي پوليس ترجمان ٻڌايو ته زخمين مان 9 کي …
نيپال ۾ مسافر بس حادثي جو شڪار، 6 ڄڻا فوت، 10 زخمي

مزید خبریں
کٽمنڊو- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) نيپال جي نوال پاراسي ايسٽ ضلعي ۾ مسافر بس حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب 6 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس ٻڌايو ته بس ۾ 18 مسافر سوار هئا، ۽ اها اولهه نيپال جي ضلعي بانڪي کان گادي واري هنڌ کٽمنڊو وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي پئي. ضلعي پوليس ترجمان ٻڌايو ته زخمين مان 9 کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ شديد زخمي کي وڌيڪ علاج لاءِ چتوان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته شروعاتي جاچ مطابق حادثو امڪاني طور تي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، جنهن کانپوءِ بس روڊ جي حفاظتي ڀِت سان ٽڪرائجي وئي.











