آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ تيل جي منصوبي لاءِ 8.4 ارب ڊالر جو معاهدو

واشنگٽن- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا سان سندس ملڪ جي واپاري معاهدي ۾ تيل جي پيداوار بحال ڪرڻ جي هڪ منصوبي لاءِ 8.4 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي لکيو ته جمهوريا ڪوريا سان معاهدو وڌيڪ بهتر ٿيندو پيو وڃي، تيل جي پيداوار بحال ڪرڻ جي هڪ منصوبي …

واشنگٽن- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا سان سندس ملڪ جي واپاري معاهدي ۾ تيل جي پيداوار بحال ڪرڻ جي هڪ منصوبي لاءِ 8.4 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي لکيو ته جمهوريا ڪوريا سان معاهدو وڌيڪ بهتر ٿيندو پيو وڃي، تيل جي پيداوار بحال ڪرڻ جي هڪ منصوبي لاءِ 8.4 ارب ڊالر، تيل ۽ گيس جي وڌيڪ پيداوار جو مطلب آمريڪا جي توانائي جي شعبي ۾ بالادستي ۽ دنيا جي مستقبل جي توانائي جي سلامتي آهي. اهو اعلان اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي معاهدن جي سلسلي جي تازي ڪڙي آهي، جن کي صدر ٽرمپ نومبر ۾ ٿيندڙ وچ مدي واري چونڊن کان اڳ نمايان ڪري رهيو آهي. اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ايران سان جنگ ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتون آمريڪي ووٽرز جي اهم ڳڻتين ۾ شامل آهن.

مزید خبریں