نئين سر تعمير لاءِ وڏي فنڊنگ جي ضرورت آهي: لبنان

بيروت- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) لبنان جي وزيراعظم نواف سلام چيو آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ تازي جنگ ۾ تباهه ٿيل علائقن جي نئين سر تعمير رياست جي سگهه کان ٻاهر آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنگ سبب شديد متاثر ڏکڻ واري علائقي جو دورو ڪندي هن فنڊز جي فراهمي جو مطالبو ڪيو. اسرائيلي فضائي حملن سبب شديد متاثر ٿيل ڏکڻ واري شهر نبطيه ۾ ڳالهائيندي هن …

بيروت- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) لبنان جي وزيراعظم نواف سلام چيو آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ تازي جنگ ۾ تباهه ٿيل علائقن جي نئين سر تعمير رياست جي سگهه کان ٻاهر آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جنگ سبب شديد متاثر ڏکڻ واري علائقي جو دورو ڪندي هن فنڊز جي فراهمي جو مطالبو ڪيو. اسرائيلي فضائي حملن سبب شديد متاثر ٿيل ڏکڻ واري شهر نبطيه ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مان بحران جي سنگيني کان آگاهه آهيان، ان ۾ تباهي، لڏپلاڻ ۽ رزڌوزگار جو نقصان شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضرورتن جو ڳاڻيٽو لبنان رياست جي صلاحيتن ۽ ايڏو وڏو بار کڻڻ جي سگهه کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. نئين سر تعمير لاءِ اسان کي اڃان به وڏي فنڊنگ جي ضرورت آهي.

مزید خبریں