گڏيل قومن جي سربراهه پاران هارن آف آفريقا جي ملڪن تي ڇڪتاڻ ۾ اضافي کان پاسو ڪرڻ تي زور

گڏيل قومون- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش هارن آف آفريقا جي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ جاري بيان ۾ چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اتحاد، ڳالهين ۽ سهڪار جي شديد ضرورت آهي، …

گڏيل قومون- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش هارن آف آفريقا جي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ جاري بيان ۾ چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اتحاد، ڳالهين ۽ سهڪار جي شديد ضرورت آهي، هارن آف آفريقا جي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن کي ڳڻتي آهي. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل سمورن ملڪن کان صبر جو مظاهرو ڪرڻ، ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجندڙ قدمن کان پاسو ڪرڻ ۽ پنهنجا اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. گڏيل قومن جي سربراهه اها اپيل اهڙي وقت ۾ ڪئي آهي ته جڏهن ايٿوپيا جي اترئين علائقي تيگري ۾ جاري ڇڪتاڻ جا خطي تي امڪاني اثر پوڻ جو خدشو آهي.

مزید خبریں