نائيجيريا ۾ بوڪوحرام جي حملي کان پوءِ 15 لاش هٿ

ابوجا- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) نائيجيريا جي اتر اوڀر واري رياست بورنو ۾ بوڪوحرام جي شڪي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي پوليس ۽ ميڊيا ذريعن مطابق مقامي حڪومتي علائقي موسوني ۽ الا ويجهو فصلن ۾ حملي بعد لاش هٿ ڪيا ويا. بورنو پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هٿ ڪيل لاش مقامي هارين جا آهن …

ابوجا- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) نائيجيريا جي اتر اوڀر واري رياست بورنو ۾ بوڪوحرام جي شڪي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي پوليس ۽ ميڊيا ذريعن مطابق مقامي حڪومتي علائقي موسوني ۽ الا ويجهو فصلن ۾ حملي بعد لاش هٿ ڪيا ويا. بورنو پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هٿ ڪيل لاش مقامي هارين جا آهن جڏهن ته ٻين متاثرن جو هن وقت تائين ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو. مقامي ذريعن جي حوالي سان ميڊيا ٻڌايو ته متاثرن ۾ هاري ۽ ڪاٺيون ڪندڙ ماڻهو شامل آهن. حملو ڪندڙن مبينا طور تي فصلن ويجهو انهن ماڻهن کي لڪي نشانو بڻايو. هڪ مقامي ماڻهو مطابق حملي واري ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو فصلن ڏانهن ويا هئا.

مزید خبریں