گوگل خلا ۾ اي آءِ چپس جي ڪارڪردگي جانچڻ لاءِ سيٽلائٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

لاس اينجلس- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) گوگل مصنوعي ذهانت (اي آءِ) لاءِ استعمال ٿيندڙ پنهنجي ٽينسر پروسيسنگ يونٽس (ٽي پي يوز) جي خلا ۾ ڪارڪردگي جانچڻ لاءِ هڪ تجرباتي سيٽلائٽ مدار ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گوگل ٻڌايو ته پروٽوٽائپ سيٽلائٽ کي اسپيس ايڪس جي ٽرانسپورٽر-18 رائيڊ شيئر مشن ذريعي خلا ۾ روانو ڪيو ويو، جنهن ۾ گوگل جون 4 ٽي پي يوز لڳل آهن. ڪمپني جي …

لاس اينجلس- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) گوگل مصنوعي ذهانت (اي آءِ) لاءِ استعمال ٿيندڙ پنهنجي ٽينسر پروسيسنگ يونٽس (ٽي پي يوز) جي خلا ۾ ڪارڪردگي جانچڻ لاءِ هڪ تجرباتي سيٽلائٽ مدار ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گوگل ٻڌايو ته پروٽوٽائپ سيٽلائٽ کي اسپيس ايڪس جي ٽرانسپورٽر-18 رائيڊ شيئر مشن ذريعي خلا ۾ روانو ڪيو ويو، جنهن ۾ گوگل جون 4 ٽي پي يوز لڳل آهن. ڪمپني جي ٽيم سيٽلائٽ سان رابطي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ اهو توقع مطابق ڪم ڪري رهيو آهي. گوگل ٻڌايو ته اهو قدم پروجيڪٽ سن ڪيچر جو پهريون مرحلو آهي، جيڪو پلينٽ ليبز پي بي سي جي شراڪت سان جاري هڪ ڊگهي مدي وارو تحقيقي منصوبو آهي. منصوبي جو مقصد اهو جانچڻ آهي ته ڇا مستقبل ۾ مشن لرننگ لاءِ وڏي پيماني تي بنيادي ڍانچو خلا ۾ قائم ڪري سگهجي ٿو.

مزید خبریں