سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رتوديرو ۾ 5 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رتوديرو ۾ 5 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. متاثر ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جواظهار ڪندي هن پوليس کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد قتل ۾ ملوث جوابدارن کي انهن جي انجام تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته قبائلي تڪرار تي 5 انساني جانين …

ڪراچي- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رتوديرو ۾ 5 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. متاثر ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جواظهار ڪندي هن پوليس کي هدايت ڪئي ته جلد کان جلد قتل ۾ ملوث جوابدارن کي انهن جي انجام تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته قبائلي تڪرار تي 5 انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.