پشاور- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي وطن پارٽي جي مرڪزي چيئرمين آفتاب احمد شيرپائو چيو آهي ته خيبر پختونخواه جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي ۽ امن امان جي خراب صورتحال آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين تي رد عمل ڏيندي آفتاب شيرپائو چيو ته شدت پسندي جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ سهڪار سٺو سئنوڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن …
خيبرپختونخواه جو وڏو مسئلو دهشتگردي ۽ امن امان جي خراب صورتحال آهي: آفتاب شير پائو

مزید خبریں
پشاور- 03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي وطن پارٽي جي مرڪزي چيئرمين آفتاب احمد شيرپائو چيو آهي ته خيبر پختونخواه جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي ۽ امن امان جي خراب صورتحال آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين تي رد عمل ڏيندي آفتاب شيرپائو چيو ته شدت پسندي جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ سهڪار سٺو سئنوڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ سهڪار سان صوبي کي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ رستو هموار ٿيندو. هن چيو ته ٻئي ڌريون سنجيدگي سان ڳالهين کي اڳيان وڌائين ته جئين ملڪ ۽ قوم جي بهتري جو رستو نڪري سگهي.











