وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايراني پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ رابطو، ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت ۽ گهري افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد عباس عراقچي ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي همdرديءَ جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت جي لاءِ دعا …

اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت ۽ گهري افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد عباس عراقچي ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي همdرديءَ جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعالى مرحومه کي جنت ۾ الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر ۽ استقامت ڏي. ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ان همدرداڻي ۽ مخلصاڻي جذبي ۽ مشڪل وقت ۾ ان جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا ادا ڪيا.

مزید خبریں