اسلام آباد - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 کان 25 سيپٽمبر 2026ع تائين نيويارڪ ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعلى سطحي هفتي دوران پاڪستان جي وسيع سفارتي سرگرمين بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏني. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اعلى سطحي اجلاسن، ٻطرفي ملاقاتن ۽ گهڻ رخي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس دوران پاڪستان جي سفارتي سرگرمين بابت ميڊيا بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 کان 25 سيپٽمبر 2026ع تائين نيويارڪ ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعلى سطحي هفتي دوران پاڪستان جي وسيع سفارتي سرگرمين بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏني. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اعلى سطحي اجلاسن، ٻطرفي ملاقاتن ۽ گهڻ رخي قدمن ۾ پاڪستان جي شرڪت تي روشني وڌي. انهن سرگرمين جو مقصد پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ، حصيدارين کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ هو. هن اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ پرڏيهي پاليسي بابت مختلف معاملن تي ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏنا.










