سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ظفر احمد راجپوت جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنس ڪورٽ بدين جو دورو، عورتاڻي سھولت مرڪز جو افتتاح

بدين - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ظفر احمد راجپوت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ بدين جو دورو ڪري عورتاڻي سھولت مرڪز جو افتتاح ڪيو. عورتاڻو سھولت مرڪز ايڪسس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ (اي جي ڊي ايف) تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رهنمائي ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد عدالتن ۾ ايندڙ عورتن کي محفوظ، آرامده ۽ سهائتا وارو ماحول فراهم ڪرڻ …

بدين – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ظفر احمد راجپوت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ بدين جو دورو ڪري عورتاڻي سھولت مرڪز جو افتتاح ڪيو. عورتاڻو سھولت مرڪز ايڪسس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ (اي جي ڊي ايف) تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رهنمائي ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد عدالتن ۾ ايندڙ عورتن کي محفوظ، آرامده ۽ سهائتا وارو ماحول فراهم ڪرڻ آهي. اي جي ڊي ايف تحت بدين جي ضلعي ۽ سيشن ڪورٽن ۾ اي – لائبريري، سولر سسٽم، واٽر ڪولر ۽ واٽر ڊسپينسر سميت مختلف بنيادي ۽ جديد سهولتون پڻ فراهم ڪيون ويون آهن، جن سان عدالتي ماحول کي وڌيڪ سهوليت وارو بڻائڻ ۽ جديد ضرورتن مطابق سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي چيف جسٽس سنڌ قانوني برادري ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران عدالتي سهولتن، انصاف جي مؤثر فراهمي ۽ قانوني پيشي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف جسٽس سنڌ نوجوان وڪيلن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ کين محنت، مسلسل قانوني مطالعي، ڪيسن جي مڪمل تياري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.

نوجوان وڪيلن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته قانون جي پيشي ۾ ڪاميابي علم، محنت ۽ مستقل مزاجي سان حاصل ٿيندي آهي. هن نوجوان وڪيلن کي هدايت ڪئي ته اهي قانون جي گهري مطالعي سان گڏ ڪيسن جي بهتر تياري، قانوني تحقيق ۽ عدالتي مثالن جي مطالعي تي خاص ڌيان ڏين، جيئن هو انصاف جي فراهمي ۾ مؤثر ۽ ذميوار ڪردار ادا ڪري سگهن. چيف جسٽس  بدين ضلعي جي عدالتي آفيسرن سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران عدالتي ڪارڪردگي، ڪيس مئنيجمينٽ ۽ التوا هيٺ ڪيسن جي جلد نيڪال سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي سائلين کي وقت سر ۽ مؤثر انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ عدالتي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته ايڪسس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ (اي جي ڊي ايف) تحت بدين جي سمورين عدالتن ۽ بار لاءِ ايئرڪنڊيشننگ جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي. ان قدم سان عدالتن ۽ بار ۾ ايندڙ وڪيلن، سائلين ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن لاءِ وڌيڪ مناسب ۽ سهولت وارو ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. چيف جسٽس جي دوري دوران عدالتي آفيسرن ۽ وڪيل برادري پاران بدين جي عدالتن ۾ فراهم ڪيل جديد سهولتن ۽ عدالتي نظام جي بهتري لاءِ جاري قدمن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.

مزید خبریں