سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت اپ گريڊ ڪيل سمورن اسڪولن کي 2 اپريل 2027ع تائين فعال ڪيو وڃي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت اپ گريڊ ڪيل سمورن اسڪولن کي 2 اپريل 2027ع تائين مڪمل طور فعال بڻايو وڃي، جڏهن ته اسڪولن کان ٻاهر رهيل ٻارن کي ٻيهر تعليم سان ڳنڍڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ ڀرپور داخلا مهم شروع ڪئي وڃي.اهڙيون هدايتون هن وزيراعليٰ هائوس …

ڪراچي – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت اپ گريڊ ڪيل سمورن اسڪولن کي 2 اپريل 2027ع تائين مڪمل طور فعال بڻايو وڃي، جڏهن ته اسڪولن کان ٻاهر رهيل ٻارن کي ٻيهر تعليم سان ڳنڍڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ ڀرپور داخلا مهم شروع ڪئي وڃي.اهڙيون هدايتون هن وزيراعليٰ هائوس ۾ جمعي ڏينهن اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون.اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته رڳو اسڪولن جو بنيادي ڍانچو تيار ڪرڻ ڪافي ناهي، پر هر اپ گريڊ ٿيل اسڪول ۾ پهرين ڏينهن کان استاد، شاگرد ۽ سکيا جون سموريون ضروري سهولتون موجود هجڻ گهرجن.هن چيو ته حڪومت جو مقصد رڳو اسڪول تعمير ڪرڻ نه، پر ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ، سندن حاضري يقيني بڻائڻ ۽ کين گهرن جي ويجهو معياري تعليم فراهم ڪرڻ آهي.اجلاس ۾ سيپ ۽ سليڪٽ اسڪولن جي اڳڀرائي، داخلا مهم، استادن جي مقرري ۽ ايجوڪيشن مئنيجمينٽ آرگنائيزيشنز جي تجويز ڪيل شموليت بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي.تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ٻڌايو ته ضلعي ٺٽي جي پنجن نئين اپ گريڊ ڪيل سيڪنڊري اسڪولن ۾ 21 کان 30 سيپٽمبر تائين هلندڙ پائلٽ داخلا مهم دوران صرف نو ڏينهن ۾ ڇهين کان ڏهين ڪلاس تائين 702 شاگردن جي داخلا ٿي، جن ۾ 409 ڇوڪريون شامل آهن، جڏهن ته اسڪولن کان ٻاهر رهيل ۽ تعليم ڇڏي ويل 102 ٻارن کي ٻيهر اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ويو.هن ٻڌايو ته ڪميونٽي موبيلائيزيشن ٽيمن 116 فيڊر اسڪولن جو دورو ڪيو، 17 پاڙن ۽ 23 ڳوٺن تائين پهچي والدين، استادن ۽ مقامي معززين جي سهڪار سان گهر گهر آگاهي مهم هلائي.وڏي وزير پائلٽ مهم جي نتيجن کي ساراهيندي تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته ان ماڊل کي سڄي صوبي ۾ لاڳو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڇوڪرين جي تعليم ۽ اسڪول ڇڏي ويل ٻارن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.پي ڊي رضوان سومرو اجلاس کي ٻڌايو ته سيپ ۽ سليڪٽ پروگرام تحت سڄي صوبي ۾ مجموعي طور 1,133 اسڪول شامل آهن، جن مان 838 اسڪول سيپ ۽ 295 اسڪول سليڪٽ پروگرام تحت آهن.هن چيو ته عملدرآمد واري شيڊول موجب 552 اسڪول ڊسمبر 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته مارچ 2027ع تائين مڪمل ٿيندڙ اسڪولن جو انگ 801 تائين پهچي ويندو. سمورن 1,133 اسڪولن کي ڊسمبر 2027ع تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي.وڏي وزير هدايت ڪئي ته مارچ 2027ع تائين مڪمل ٿيندڙ سمورن اسڪولن ۾ فرنيچر، تدريسي ۽ غير تدريسي عملو ۽ شاگردن لاءِ سموريون ضروري سهولتون 2 اپريل 2027ع تائين فراهم ڪري تعليمي سرگرميون شروع ڪيون وڃن. هن استادن جي وقت سر مقرري ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي پڻ يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي ٻڌايو ته پنجن پائلٽ اسڪولن ۾ هن وقت مجموعي طور 1,406 شاگرد داخل آهن، جڏهن ته تعليمي سهولتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اضافي استادن جي فراهمي تجويز ڪئي وئي آهي.اپ گريڊ ٿيل اسڪولن جي مستقبل جي انتظام بابت ڳالهائيندي وڏي وزير ايجوڪيشن مئنيجمينٽ آرگنائيزيشنز جي تجويزن جو جائزو ورتو ۽ تعليم کاتي ۽ پي پي پي يونٽ کي هدايت ڪئي ته جوابدهي ۽ بهتر سکيا جا نتيجا يقيني بڻائڻ لاءِ شفاف ۽ پائيدار فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي.اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير چيو ته تعليم سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته گڏيل ڪوششن سان اسڪولن ۾ داخلا وڌائي، اسڪول ڇڏڻ جي شرح گهٽائي ۽ هر نئين اپ گريڊ ٿيل اسڪول کي مقامي برادرين لاءِ معياري تعليم جو مؤثر مرڪز بڻايو وڃي.اجلاس ۾ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ڊي جي پي پي پي يونٽ اسد ضامن، پي ڊي ايس اي آءِ پي رضوان سومرو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں