ڪراچي - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال جي سهڪار سان سڄي صوبي ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ علاج جون سهولتون بهتر بڻايون آهن، جنهن تحت 278 يونٽ قائم ۽ اپ گريڊ ڪرڻ سان گڏ ريفرل سينٽرز فعال ۽ ريبيز جي ڪيسن لاءِ ٽيلي ميڊيسن سروس پڻ شروع ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار هن انڊس اسپتال ۾ …
سنڌ ۾ ريبيز کان بچاءُ ۽ علاج جي سهولتن تحت 278 يونٽ قائم ۽ اپ گريڊ ڪري ٽيلي ميڊيسن سروس شروع ڪئي وئي آهي: سنڌ جو چيف سيڪريٽري

مزید خبریں
ڪراچي – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال جي سهڪار سان سڄي صوبي ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ علاج جون سهولتون بهتر بڻايون آهن، جنهن تحت 278 يونٽ قائم ۽ اپ گريڊ ڪرڻ سان گڏ ريفرل سينٽرز فعال ۽ ريبيز جي ڪيسن لاءِ ٽيلي ميڊيسن سروس پڻ شروع ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار هن انڊس اسپتال ۾ ريبيز بابت منعقد ٿيل تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ صحت واري سيڪريٽري طاهر سانگي، انڊس اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالباري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.چيف سيڪريٽري چيو ته رولو ڪتن جو مسئلو ڊگهي عرصي کان موجود آهي، جنهن تي مسلسل ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ريبيز کان بچاءَ لاءِ علاج جون سهولتون بهتر بڻائڻ سان گڏ عوامي آگاهي وڌائڻ پڻ ضروري آهي، جيئن ماڻهو ڪتي جي چڪ کي معمولي واقعو سمجهي نظرانداز ڪرڻ بدران فوري طور اسپتال سان رابطو ڪن.هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال سان گڏجي ريبيز جي مريضن جي بهتر علاج ۽ اسپتالن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي اسپتالن ۾ ريبيز جي مريضن جي علاج جون سهولتون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت هئي.آصف حيدر شاهه چيو ته صوبي ۾ ريبيز کان بچاءَ ۽ علاج لاءِ 278 يونٽ قائم ۽ اپ گريڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مريضن جي علاج لاءِ ريفرل سينٽرز پڻ فعال ڪيا ويا آهن. انڊس اسپتال جي سهڪار سان ٽيلي ميڊيسن سروس شروع ڪرڻ سان ريبيز جي ڪيسن جي علاج واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.چيف سيڪريٽري چيو ته ريبيز بابت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي آگاهي مهم پڻ هلائي وئي آهي، جنهن سان ماڻهن ۾ ڪتي جي چڪ بابت سنجيدگي وڌي آهي ۽ اهي علاج لاءِ اسپتالن سان رابطو ڪري رهيا آهن. هن عوامي آگاهي جون ڪوششون جاري رکڻ تي زور ڏنو.هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ريبيز کان بچاءَ وارين ويڪسين ۽ دوائن لاءِ بجيٽ جي فراهمي يقيني بڻائي آهي. ڪتي جي چڪ جو شڪار مريضن کي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪيسن جي رپورٽنگ ۽ مريضن جي علاج جي نگراني پڻ ڪئي پئي وڃي.چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته هاڻي هر ڪيس رپورٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ هر مريض جي علاج کي ٽريڪ ڪيو وڃي ٿو. عوام پنهنجي ويجهي ريبيز سينٽر بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو 1122 سان رابطو ڪري سگهي ٿو.هن علاج جي فراهمي ۾ جوابدهي تي زور ڏيندي چيو ته ريبيز جي مريضن جي علاج ۾ غفلت تي مختلف ڊاڪٽرن کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کان پڻ جواب طلب ڪيو وڃي ٿو.آصف حيدر شاهه چيو ته علاج جون سهولتون بهتر بڻائڻ، مريضن جي مسلسل نگراني ۽ عوامي آگاهي ذريعي ريبيز خلاف ڪوششن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ان شاءَ الله سنڌ ۽ پاڪستان کي ريبيز کان پاڪ بڻايو ويندو.










