اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران جاري معاشي سڌاراجاتي ڀائيواري تحت اڳڀرائي جو جائزو، ترقي، روزگار، مالياتي انتظام، روينيو موبلائيزيشن، ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ اداراجاتي سڌارن سميت مختلف شعبن ۾ عملدرآمد جي ترجيحن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي اڳواڻي پاڪستان ۾ …
ناڻي واري وفاقي وزير سان عالمي بئنڪ جي وفد جي ملاقات، معاشي سڌارن جي ڀائيواري ۾ اڳڀرائي جو جائزو، اداراجاتي سڌارن سميت مختلف شعبن ۾ عملدرآمد جي ترجيحن بابت خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران جاري معاشي سڌاراجاتي ڀائيواري تحت اڳڀرائي جو جائزو، ترقي، روزگار، مالياتي انتظام، روينيو موبلائيزيشن، ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ اداراجاتي سڌارن سميت مختلف شعبن ۾ عملدرآمد جي ترجيحن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي اڳواڻي پاڪستان ۾ عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، بولورما امگابزر ڪري رهي هئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي وسيع تر معاشي سڌارن جي ايجنڊا لاءِ عالمي بينڪ جي مدد جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ سڌاراجاتي ترجيحن کي هدفي ۽ قابل عمل قدمن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ لاڳاپيل وزارتن، صوبائي حڪومتن ۽ عملدرآمد ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ رابطاڪاري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ناڻي واري وزير سڌارن جي ڊزائن کان اثرائتي عملدرآمد طرف منتقلي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ڌيان اهڙن عملي قدمن تي هجڻ گهرجي جيڪي معاشي سرگرمي، سيڙپڪاري، روزگار ۽ مجموعي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آڻي سگهن. ملاقات ۾ ورلڊ بينڪ جي تجويز ڪيل گروٿ اينڊ جابز آپريشن تي پڻ بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ، فنانس تائين رسائي، شعباجاتي پيداواريت ۽ ليبر مارڪيٽ جي نتيجن ۾ بهتري لاءِ قدم شامل آهن. عالمي بينڪ انويسٽمينٽ فريم ورڪ، ڪاروبار ۽ ريگيوليٽري رڪاوٽن ۾ گهٽتائي، ايس ايم ايز لاءِ فنانس تائين رسائي ۽ پاڪستان جي ايگزم بئنڪ لاءِ ايڪسپورٽ فنانس پراڊڪٽس جي تياري بابت لاڳاپيل تجويز ڪيل قدمن کان آگاهه ڪيو جن جو مقصد اضافي واپاري وهڪري کي هٿي ڏيڻ آهي. وزيراعظم جي ماليات تائين رسائي جي قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ سڌارن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جن ۾ هڪ متحد انسالوينسي فريم ورڪ، ايس ايم اي فنانسنگ کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ فيڪٽرنگ قانون سازي ۽ ضابطا، ڪمرشل فنانسنگ جي توسيع ۽ نجي شعبي جي وڌيڪ شرڪت لاءِ قدم شامل آهن. شعباجاتي سڌارن جي حوالي سان، عالمي بينڪ دواسازي ۽ طبي شين ۽ زراعت جي شعبن ۾ تجويز ڪيل قدمن کان آگاهه ڪيو جن ۾ ٻج جي رجسٽريشن ۾ بهتري، چونڊيل جنسن کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ ۽ عالمي خريداري ۽ مارڪيٽن ۾ شرڪت کي آسان بڻائڻ لاءِ عالمي ايڪريڊيٽيشنز کي مضبوط بڻائڻ شامل آهي. ملاقات اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدمن جو پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ قومي ووڪيشنل ڪواليفڪيشنز فريم ورڪ ۾ بهتري، هنرمندي جي عالمي سطح تي وڌيڪ پذرائي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي مدد يافته پرڏيهه ۾ روزگار جي باضابطه رستن جي ترقي شامل آهي. ناڻي واري وزير ۽ عالمي بينڪ جي وفد نيشنل ٽيرف پاليسي تي عملدرآمد ۽ ٽيرف سڌارن لاءِ جاري تجزياتي مدد جو جائزو ورتو، جنهن ۾ آٽوموٽيو شعبي ۽ مستقبل جي ٽيرف سڌارن بابت ڪم به شامل آهي، ان ڏس ۾ چٽاڀيٽي، پيداواريت، سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ پاڪستان جي عالمي ويليو چينز ۾ وڌيڪ اثرائتي انضمام جي اهميت تي زور ڀريو ويو.مالياتي ۽ روينيو سڌارن جي حوالي سان اجلاس ۾ ٽيڪس پاليسي جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عالمي بينڪ جي ٽيڪنيڪل مدد جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ وچولي مدي جي روينيو حڪمت عملي ۽ روينيو پاليسي ماڊلنگ لاءِ مدد شامل آهي. ڳالهين ۾ جنرل سيلز ٽيڪس کي هم آهنگ ڪرڻ بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ خدمتن جي حوالي سان قاعدن ۽ درجا بندين ۾ وڌيڪ هم آهنگي، وفاقي-صوبائي رابطاڪاري ۾ بهتري ڊيٽا شيئرنگ جا مضبوط انتظام شامل آهن. زرعي آمدني ٽيڪس سڌارن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ترميم ٿيل صوبائي قانونن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ۽ رجسٽريشن، فائلنگ ۽ ادائيگي لاءِ ڊجيٽل نظام پڻ آهن. ٽيڪس تي عمل کي مضبوط بڻائڻ ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڊيٽا شيئرنگ کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ صوبائي ملڪيت ٽيڪس سڌارن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ ملڪيت جي ويليويشن جي طريقيڪار کي بهتر ۽ هم آهنگ بڻائڻ، ڊجيٽل نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ مسلسل وڌيڪ مارڪيٽ جي بنياد تي ويليويشن فريم ورڪ ڏانهن وڌڻ جا قدم شامل آهن. ملڪي ڪيپيٽل مارڪيٽن جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽس ڊولپمينٽ ڪائونسل ذريعي ڪيپيٽل مارڪيٽن سڌارن لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۾ عالمي بئنڪ گروپ جي مدد تي پڻ خيالن جي وٺ ڪئي وئي، جنهن جو مقصد ملڪي ڪيپيٽل مارڪيٽن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ فنانس جي ذريعن کي وسيع ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۽ سرمائي جي جوڙجڪ لاءِ سازگار نظام کي مضبوط بڻائڻ شامل آهي. اجلاس ۾ سرڪاري شعبي جي ڪارڪردگي ۽ حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ ايجنڊا لاءِ عالمي بينڪ جي مدد جو به جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ اداراجاتي موثريت کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوامي وسيلن جي اثرائتي استعمال لاءِ فني مدد شامل آهي. ناڻي واري وزير قرض جي انتظام جي صلاحيت ۽ ملڪي بانڊ مارڪيٽن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان سلسلي ۾، مارڪيٽ جي خطرن جي انتظام لاءِ مالي اوزارن، ملڪي بانڊ مارڪيٽ جي ترقي ۽ سيڙپڪار لاڳاپن جي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جاري فني تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ پاڪستان جي خودمختار ڪريڊٽ پروفائل ۽ ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري جي رستي بابت عالمي بينڪ جي تجزياتي مدد تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت خودمختار ڪريڊٽ ريٽنگ جي مقداري ۽ معياري جي ٻنهي سببن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي، جنهن ۾ مالياتي ۽ قرضن جو پائيدار انتظام مضبوط پرڏيهي مالياتي بفرز، پائيدار اقتصادي ترقي، اداراجاتي موثريت ۽ ڍانچاجاتي سڌارن جو تسلسل شامل آهي، هن چيو ته پاڪستان جي خودمختار ڪريڊٽ پوزيشن ۾ بهتري لاءِ لاڳاپيل حصيدارن سان رابطا به مضبوط بڻايا ويندا. عالمي بئنڪ جي وفد گورننس ۽ اداره جاتي موثريت جي حوالي سان جاري تجزياتي ڪم کان به ناڻي واري وزير کي آگاهه ڪيو ان موقعي تي حڪومت جي موثريت ريگوليٽري معيار، شفافيت، احتساب ۽ مجموعي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي سڌارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين طرفان معاشي سڌاراجاتي ڀائيواري تحت مسلسل تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو جنهن ۾ عملدرآمد، اداراجاتي مضبوطي، نجي شبعي جي اڳواڻي ۾ ترقي، عوامي وسيلن جي بهتر انتظام، سيڙپڪاري ۾ واڌ ۽ معاشي موقعن کي هٿي ڏيڻ تي گڏيل ڌيان رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.










