سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 2000 رپيا اضافو

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 2000 رپيا اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي تي سون جو في تولو اگهه 2000 رپين جي اضافي کان پوءِ 4 لک 40 هزار 636 رپيا ٿي ويو، 24 قيراط سون جي 10 گرام جو اگهه پڻ 1715 رپين جي اضافي کان پوءِ 376059 رپين مان وڌي 377،774 رپيا ٿي …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 2000 رپيا اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي تي سون جو في تولو اگهه 2000 رپين جي اضافي کان پوءِ 4 لک 40 هزار 636 رپيا ٿي ويو، 24 قيراط سون جي 10 گرام جو اگهه پڻ 1715 رپين جي اضافي کان پوءِ 376059 رپين مان وڌي 377،774 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جو اگهه 344،733 رپين مان وڌي344،733 رپيا ٿي ويو، آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ  ڪيو آهي ته في تولو چاندي جو اگهه 50 رپين جي اضافي کان پوءِ 6،578 ۽ 10 گرام چاندي جوا گهه 43 رپين جي اضافي کان پوءِ 5،639 رپيا ٿي ويو.

مزید خبریں