وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان جي صدارت ۾ جيم اسٽون جي مرڪز جي قيام بابت اجلاس

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ  جيم اسٽون جو مرڪز قائم ڪرڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ قيمتي پٿرن شعبي کي جديد رخن تي آڻڻ، مقامي سطح تي پراسيسنگ جي صلاحيت ۽ روانگي واپار ۾ واڌ جي حوالي سان مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل، ايڊيشنل …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ  جيم اسٽون جو مرڪز قائم ڪرڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ قيمتي پٿرن شعبي کي جديد رخن تي آڻڻ، مقامي سطح تي پراسيسنگ جي صلاحيت ۽ روانگي واپار ۾ واڌ جي حوالي سان مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل، ايڊيشنل سيڪريٽري حميراضيا مفتي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري فريڊون اڪرم شيخ شرڪت ڪئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت موجب اجلاس دوران اسلام آباد ۾ جديد ترين جيم اسٽون جي مرڪز، پراسيسنگ ۽ نمائش جي سهولتن جي قيام جو جائزو ورتو ويو. هارون اختر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن موجب جيم اسٽون لاءِ عالمي معيار جو جديد مرڪز قائم ڪيو ويندو، ان شعبي ۾ اربين ڊالرن جي معاشي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته کاڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ جي مرحلن ۾ قيمتي پٿرن جو وڏو حصو ضايع ٿي ويندو آهي جنهن کي روڪڻ ۽ شعبي جي ترقي لاءِ جيم اسٽونز پاليسي جوڙي ان تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال سان قيمتي پٿرن جي قدر ۾ اضافو ۽ اربين ڊالرن جي امڪاني نقصانن کان بچاءَ ممڪن آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي کي جديد پراسيسنگ، گهڙڻ ۽ نمائش جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت قيمتي پٿرن جي شعبي کي ضروري سهولتون فراهم ڪري ان کي جديد رخن تي هموار ڪندي. قيمتي پٿرن جي مقامي سطح تي پراسيسنگ سان ان جي قدر ۾ اضافو، روانگي واپار ۾ بهتري ۽ ملڪي معيشت کي سگهه ملندي.

مزید خبریں