ريلوي واري وفاقي وزير پاران اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي جوانن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اتر وزيرستان  جي علائقي عيدڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪيل وقت سر ڪارروائي ۾ فتنه الخواج جي 7 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويو جيڪو سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت ۽ چوڪسي جو …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اتر وزيرستان  جي علائقي عيدڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪيل وقت سر ڪارروائي ۾ فتنه الخواج جي 7 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويو جيڪو سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت ۽ چوڪسي جو چٽو ثبوت آهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ بي لوث خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. هن واضح ڪيو ته عزم استحڪام تحت دهشتگرد ڌرين خلاف اهي فيصلائتيون ڪارروايون بنا رنڊڪ جي جاري رهنديون، سڄي ملڪ ۾ پائيدار امن جو قيام حڪومت جو اولين ۽ پختو قومي عزم آهي.

مزید خبریں