پاڪ بحريه جي غلام مصطفيٰ بشير ايشين گيمز ۾ پاڪستان لاءِ ٽامي جو تمغو کٽي ورتو

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي)جاپان ۾ جاري ايشين گيمز 2026ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پاڪ بحريه جي ايم سي پي او/پي ٽي آءِ غلام مصطفيٰ بشير 25 ميٽر ريپڊ فائر پسٽل ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 27 رانديگرن وچ ۾ انفرادي مقامي ۾ ٽامي جو تغمو حاصل ڪري ورتو. سندس ڪاميابي عالمي راندين جي ميدان ۾ پاڪستان ۽ پاڪ بحريڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي)جاپان ۾ جاري ايشين گيمز 2026ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پاڪ بحريه جي ايم سي پي او/پي ٽي آءِ غلام مصطفيٰ بشير 25 ميٽر ريپڊ فائر پسٽل ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 27 رانديگرن وچ ۾ انفرادي مقامي ۾ ٽامي جو تغمو حاصل ڪري ورتو. سندس ڪاميابي عالمي راندين جي ميدان ۾ پاڪستان ۽ پاڪ بحريڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب غلام مصطفيٰ بشير ٽي ڀيرا اولمپڪس لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪو آهي ۽ ٽنهي اولمپڪ مقابل ۾ پاڪستان جي نمائندگي به ڪري چڪو آهي ان کان اڳ هن 2022ع ۾ قاهره، مصر ۾ ٿيل آءِ ايس ايس ايف ورلڊ چيمپئن شپ ۾ به ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو هو جيڪو عالمي سطح تي شوٽنگ جي اهم ترين مقابلن ۾ شمار ٿئي ٿو.

مزید خبریں