پاڪستان جي ٽيڪسٽائل صنعت جي عالمي مارڪيٽ ۾ پوزيشن وڌيڪ مستحڪم

اسلام آباد-02 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان جي ٽيڪسٽائل صنعت عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ڪندي روانگي واپار ۾ لڳاتار اضافو رڪارڊ ڪيو آهي. ايس آءِ ايف سي موجب مالي سال 2026ع دوران ٽيڪسٽائل جو روانگي واپار 40 ملين ڊالرن جي اضافي سان 17.93 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ ٽيڪسٽائل ملبوسات جو روانگي واپار 5.55 سيڪڙو جي اضافي سان 3.38 ارب ڊالرز …

اسلام آباد-02 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪستان جي ٽيڪسٽائل صنعت عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ڪندي روانگي واپار ۾ لڳاتار اضافو رڪارڊ ڪيو آهي. ايس آءِ ايف سي موجب مالي سال 2026ع دوران ٽيڪسٽائل جو روانگي واپار 40 ملين ڊالرن جي اضافي سان 17.93 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ ٽيڪسٽائل ملبوسات جو روانگي واپار 5.55 سيڪڙو جي اضافي سان 3.38 ارب ڊالرز ٿي ويو آهي. ايس آءِ ايف سي موجب پاڪستان جي ٽيڪسٽائل صنعت ملڪي معيشت ۽ روانگي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ شعبي ۾ روانگي واپار جي سرگرمين ۾ لڳاتار بهتري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. روانگي واپار ۾ اڳڀرائي پاڪستان جي صنعتي ۽ روانگي شعبي ۾ جاري سرگرمين جي عڪاسي  آهي. ٽيڪستائل شعبي ۾ وڌندڙ صنعتي سرگرميون روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ سان گڏو گڏ ملڪي، غير ملڪي سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. اختيارين موجب ٽيڪسٽائل صنعت جي روانگي واپار ۾ اضافو ويليو ايڊيشن ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهنچ ۾ بهتري سان پاڪستان جي ايڪسپورٽ بنياد وڌيڪ مستحڪم ٿيڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں