عالمي منڊين ۾ ڪچو تيل سستو، سون ۽ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ: بلوم برگ جي رپورٽ

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي  ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته سون، چاندي ۽ ڪڻڪ سميت ٻين زرعي جنسن جي اگهه ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي مستقبل جا سودا 3.09 ڊالرن جي گهٽتائي سان 89.78 ڊالر في بيرل جڏهن ته برينٽ نارٿ ڪروڊ جا مستقبل جا سودا 2.34 ڊالرز جي گهٽتائي …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي  ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته سون، چاندي ۽ ڪڻڪ سميت ٻين زرعي جنسن جي اگهه ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. بلوم برگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي مستقبل جا سودا 3.09 ڊالرن جي گهٽتائي سان 89.78 ڊالر في بيرل جڏهن ته برينٽ نارٿ ڪروڊ جا مستقبل جا سودا 2.34 ڊالرز جي گهٽتائي سان 99.97 ڊالر في بيرل ۾ طئه ٿيا. اسپاٽ گولڊ جو اگهه 5 ڊالرن جي واڌ سان 4182.62 ڊالر في اونس جڏهن ته چاندي جو اگهه 0.48 ڊالر جي اضافي سان 61.62 ڊالر في اونس ۾ طئه ٿيو. زرعي جنسن ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ 4.50 دالر جي واڌ سان 687.25 دالر في بشل، مڪئي جو اگهه 2 ڊالرن جي اضافي سان 500 ڊالر في بشل، ڪپهه جي اگهه ۾ 0.14 ڊالر جي گهٽتائي رهي جڏهن ته زنده چوپائي مال جي قيمت ۾ 0.48 دالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں