قومي بچت اسڪيمن جي منافعي جي شرح ۾ تبديلي

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز قومي بچت جي مختلف اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ تبديلي ڪي ڇڏي آهي، نئين شرح پهرين آڪٽوبر 2026ع کان لاڳو ٿي وئي آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز مطابق شارٽ ٽرم سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 9 بيسس پوائنٽس جي اضافي سان 11.22 سيڪڙو مان وڌائي 11.31 سيڪڙو، ڊفينس سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح ۾ 19 پوائنٽس …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز قومي بچت جي مختلف اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ تبديلي ڪي ڇڏي آهي، نئين شرح پهرين آڪٽوبر 2026ع کان لاڳو ٿي وئي آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز مطابق شارٽ ٽرم سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 9 بيسس پوائنٽس جي اضافي سان 11.22 سيڪڙو مان وڌائي 11.31 سيڪڙو، ڊفينس سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح ۾ 19 پوائنٽس جو اضافو ڪيو ويو جنهن بعد شرح 11.61 کان وڌي 11.80 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ساروا اسلامڪ سيونگز اڪائونٽس تي منافعي جي شرح 8 بيسس پوائنٽس جي اضافي سان 11.25 کان وڌي 11.33 سيڪڙو، بهبود سيونگز سرٽيفڪيٽس تي منافعي جي شرح 12 بيسس پوائنٽس جي واڌ سان 12.60 سيڪڙو کان 12.72 سيڪڙو جڏهن ته پينشنر بينيفٽس اڪائونٽس تي به منافعي جي شرح 12.60 سيڪڙو مان وڌائي 12.72 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. ساروا اسلامڪ ٽرم اڪائونٽس تي منافعي جي شرح 11.25 سيڪڙو کان وڌائي 11.33 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. قومي بچت جي ڄاڻايل اسڪيمن تي نظرثاني ٿيل منافعي جي شرح پهرين آڪٽوبر 2026ع کان لاڳو ٿي وئي آهي.

مزید خبریں