اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان شهري فيول سبسڊي مان فائدو کڻي رهيا آهيون، فيول سبسڊي اسڪيم جي ذريعي تيار ٿيندڙ مستحڪم ڊيٽابيس مستقبل ۾ پڻ شهرين جي مدد جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. …
حڪومت جي وقت سر قدمن سان شهري فيول سبسڊي مان فائدو کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو پرائيم منسٽر فيول ريليف اسڪيم ۾ اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر قدمن سان شهري فيول سبسڊي مان فائدو کڻي رهيا آهيون، فيول سبسڊي اسڪيم جي ذريعي تيار ٿيندڙ مستحڪم ڊيٽابيس مستقبل ۾ پڻ شهرين جي مدد جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرائيم منسٽر فيول ريليف اسڪيم ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم کي فيول سبسڊي اسڪيم جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 15 سيپٽمبر کان هيستائين جي مختصر عرصي ۾ 75 لک کان وڌيڪ شهرين جو ريليف اسڪيم مان فائدو کڻڻ اطمينان جوڳو آهي جڏهن ته فيول سبسڊي اسڪيم جي ذريعي تيار ٿيندڙ مستحڪم ڊيٽابيس مستقبل ۾ پڻ شهرين جي مدد جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وزيراعظم فيول سبسڊي اسڪيم تي عملدرآمد ۾ پوري حڪومتي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو ته فيول سبسڊي اسڪيم پوري حڪومتي مشينري جي موثر، ٺوس تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جو بهترين مثال آهي. وزيراعظم نائب وزيراعظم، آءِ ٽي واري وزير، اطلاعات واري وزير، اقتصادي معاملن واري وزير، ناڻي واري وزير، اوگرا ۽ اسڪيم سان واڳيل سمورن وفاقي ۽ صوبائي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جي مالڪن کي فيول سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ پيٽرول سبسڊي اسڪيم تحت هيستائين 84 لک کان وڌيڪ ماڻهو رجسٽرڊ ۽ 75 لک کان وڌيڪ شهري اسڪيم مان فائدو کڻي چڪا آهن، پيٽرول سبسڊي جي شروعات کان اڄ تائين جاري ڪيل 1 ڪروڙ 22 لک ٽوڪنز مان 1 ڪروڙ 3 لک ٽوڪنز استعمال ٿي چڪا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيڻ کانپوءِ هي اسڪيم هاڻي ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي رهي آهي، پهريون ۽ ٻيو ڀيرو فيول سبسڊي حاصل ڪندڙ شهري هاڻي اڳئين هفتي جي سبسڊي حاصل ڪري سگهندا. سڄي ملڪ جي 129 ضلعن ۾ پيٽرول سبسڊي اسڪيم تي عملدرآمد جاري آهي ۽ سمورا پيٽرول پمپس شهرين کي فيول سبسڊي اسڪيم تحت سهولت فراهم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شهرين ۽ پيٽرول پمپس مالڪن جي رهنمائي جي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال ڪال سينٽر قائم آهي، وزيراعظم آفيس جو پبلڪ افيئرز يونٽ ۽ عوامي نمائندا شهرين جي رجسٽريشن ۾ مدد ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي.










