پاڪستان سنڌ طاس معاهدي بابت ثالثي عدالت جي تازي فيصلي تي شڪ پيدا ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي هفتيوار بريفنگ

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سنڌ طاس معاهدي بابت ثالثي عدالت جي تازي فيصلي تي شڪ پيدا ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير سجاد حيدر خان خميس ڏينهن هتي هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته پاڪستان قاعدن تي ٻڌل عالمي …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سنڌ طاس معاهدي بابت ثالثي عدالت جي تازي فيصلي تي شڪ پيدا ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير سجاد حيدر خان خميس ڏينهن هتي هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته پاڪستان قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان جو موقف آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي قابل عمل ذريعا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رابطن ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪندي ٻنهي ڌرين تي زور ڏيندو رهيو آهي ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن، التوا هيٺ معاملن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪن ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت پنهنجي ذميوارين جي پاسداري ڪن. هن ايران تي لاڳو پابندين جي حوالي سان پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي برادري جو ذميوار ميمبر آهي ۽ عالمي ۽ ملڪي قانونن موجب سمورين لاڳو پابندين جي نظام جي پابندي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي ۽ گهڻ رخي اسٽريٽجڪ حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ واشنگٽن سان پنهنجي پراڻي سفارتي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان سمورين لاڳاپيل ڌرين سان رابطو برقرار رکندي عالمي طريقيڪار ۽ قائم ٿيل فريم ورڪ جي پابندي تي پڻ زور ڏي ٿو. سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان هن ثالثي عدالت کي “غيرقانوني طور تي جوڙيل” قرار ڏيڻ جي ڀارتي موقف کي سختي سان رد ڪندي چيو ته عدالت متفقه ۽ واضح طور تي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته معاهدو مڪمل طور تي لاڳو آهي. هن چيو ته عدالت اهو به قرار ڏنو آهي ته اولهندي دريائن تي پن بجلي جي منصوبن جي ڊيزائن ۽ آپريشن بابت ڀارت جي لاءِ معاهدي جي ذميوارين جي پاسداري ضروري آهي. ترجمان چيو ته عدالت رتلي پن بجلي منصوبي جي مخصوص حصن کي ڪنڪريٽ ڪرڻ تي پابندي هڻندي اهو قدم غيرجانبدار ماهر جي حتمي فيصلي جي 90 ڏينهن کانپوءِ تائين برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن جو فيصلو جولاءِ 2027ع جي ويجهو متوقع آهي جڏهن ته منصوبي جي حوالي سان رپورٽنگ بابت قدم پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ثالثي عدالت سنڌ طاس معاهدي تحت دي هيگ ۾ ثالثي بابت مستقل عدالت ۾ قائم ڪئي وئي ۽ ان کان اڳ معاهدي موجب پنهنجي دائره اختيار ۽ جوڙجڪ جو تعين ڪري چڪي هئي. ترجمان چيو ته ڀارت هڪطرفي اعلانن جي ذريعي ثالثي عدالت جي فيصلن کان پاڻ کي آجو نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان سان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته اهڙا لاڳاپا رڳو اعتماد، گڏيل مفاهمت ۽ هڪ ٻئي جي خودمختياري جي احترام جي بنياد تي قائم ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان جا خدشا هاڻي “ريڊ لائين” بڻجي چڪا آهن، خاص طور تي ان جي لاءِ ته دهشتگرد سرگرميون سرحدي علائقن مان نڪري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اندروني علائقن تائين پکڙجي چڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي تنهن هوندي به اسلام آباد افغانستان جي سرزمين تان حمايت ۽ سهولتڪاري حاصل ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن جي دراندازي ۽ سرگرمين جي مڪمل خاتمي جي اميد رکي ٿو. تازي سرحدي ڇڪتاڻ جي حوالي سان سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ٻئي ڌريون مختلف ذريعن سان رابطي ۾ آهن جڏهن ته آپريشنل تفصيل پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن وارو شعبو جاري ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم ۾ پاڪ ڀارت رابطن جي حوالي سان هن اسلام آباد ۾ تازي ايس سي او اجلاس ۾ ڀارت جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر جي شرڪت کي خوش آئنده اڳڀرائي قرار ڏنو. هن چيو ته اهو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڪنهن اعلى سطح جي ڀارتي عهديدار جو پاڪستان جو پهريون دورو هو ۽ ڀارتي عهديدار پاڪستان جي ٻين شهرن جي دوري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ امن، ترقي، رابطن، واپار ۽ ٽرانزٽ سميت مختلف معاملن تي مثبت خيالن جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته ڀارت جي شرڪت پاڪستان جي هڪ سالا صدارت دوران ايس سي او جي سرگرمين ۾ جاري رهندي. هن 28 کان 30 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ايس سي او ڪائونسل آف نيشنل ڪوآرڊينيٽرز جي پهرين اجلاس کي اجاگر ڪندي چيو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي صدارت تحت قدمن ۽ ايندڙ اجلاسن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته ايس سي او جي وفدن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۽ نصيربنده هاڪيءَ اسٽيڊيم جو پڻ دورو ڪيو جتي انهن کي پاڪستان جي ثقافتي ورثي ۽ 20 نومبر 2 ڊسمبر تائين ٿيندڙ ايس سي او هاڪي ٽورنامينٽ جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي حوالي سان هن چيو ته ميمبر ملڪن کان تصديق جو عمل جاري آهي ۽ شرڪت جا مخصوص تفصيل في الحال دستياب نه آهن. ترجمان ڀارتي رياست مڌيه پرديش ۾ تاريخي شاهي مسجد جي ڪجهه حصن کي منهدم ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ان ڪارروائي جي خلاف احتجاج ڪندڙ مسلمانن جي خلاف طاقت جي استعمال جي پڻ مذمت ڪئي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها ڀارت ۾ مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن کي مسلسل بڻائڻ جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارتي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اهي اقليتي برادرين ۽ انهن جي مذهبي آزادين جو تحفظ يقيني بڻائي. صوماليه جي سمنڊ ڪناري ويجهو هاءِ جيڪ ڪيل سامونڊي جهاز ايم ٽي آنر 25 بابت افسوسناڪ واقعي جي حوالي سان ترجمان تصديق ڪئي ته بازيابي جي ڪارروائي دوران فوت ٿيندڙ عملي جي 5 ميمبرن مان ٽي پاڪستاني شهري به شامل هئا. هن فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي سڃاڻپ رفيع الله خان، سيد ڪاشف عمر ۽ محمود احمد انصاري جي نالن سان ڪئي، عملي جا ٽا ٻيا پاڪستاني ميمبر پڻ زخمين ۾ شامل آهن ۽ انهن جو طبي علاج جاري آهي. هن چيو ته پاڪستاني عملدار طبي سهولتن، فوت ٿيندڙن جي ميتن جي وطن واپسي ۽ زندهه بچي ويندڙ پاڪستاني عملي جي ميمبرن جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ صومالي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان رابطي ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته فوت ٿيندڙ پاڪستانين جون ميتون مقامي طريقيڪار ۽ طبي انتظامن سان مشروط طور تي اديس ابابا جي رستي منتقل ڪرڻ جي اميد آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي ڪيترن ئي ملڪن سان سفارتي رابطا پڻ جاري رکيا آهن. هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي پنهنجي ايراني، ملائيشين، ترڪ ۽ برطانوي هم منصبن ۽ نمائندن سان تازن رابطن کانسواءِ پاڪستان فرانس گڏيل سيڪيورٽي ڪميشن ۽ پاڪستان ڊينمارڪ ٻطرفي سياسي مشاورت جو حوالو پڻ ڏنو. هن چيو ته اهي رابطا پاڪستان جي مسلسل سفارتي پهچ، ٻطرفي حصيدارين کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۽ فعال گهڻ رخي رابطن جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان اهو به ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڀاڻي جمعي ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعلى سطحي هفتي جي دوران پنهنجي مصروفيتن جي حوالي سان ميڊيا کي بريف ڪندو ۽ انهن مصروفيتن بابت مخصوص سوالن جا جواب پاڻ ڏيندو. بريفنگ جي پڄاڻي تي ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي جڏهن ته پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ ۽ علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ سفارتڪاري کي ترجيحي ذريعو بڻائڻ جي عزم تي قائم آهي.

مزید خبریں