اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي سلامتي جي صورتحال جو جائزو وٺندي دهشتگردي جي خلاف قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ موثر تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ خيبرپختونخواهه جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو …
صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملاقات، وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو گڏيل وفد سڀاڻي پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي سلامتي جي صورتحال جو جائزو وٺندي دهشتگردي جي خلاف قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ موثر تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ خيبرپختونخواهه جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ طئي ٿيو ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو گڏيل وفد سڀاڻي (جمعي ڏينهن) پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ خيبرپختونخواهه جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله، اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پڻ شريڪ هئا. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي سلامتي جي صورتحال جو جائزو وٺندي دهشتگردي جي خلاف قومي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ م موثر تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو گڏيل وفد سڀاڻي (جمعي ڏينهن) پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ان گڏيل وفد ۾ محسن نقوي، راڻا ثناءُ الله، امير مقام ۽ پيپلزپارٽي پاران شيري رحمان، سيد نويد قمر ۽ اعجاز جکراڻي شريڪ هوندا.










