ڀارت جو هڪ ٻيو فالس فليگ آپريشن بي نقاب: والاريل ڪشمير ۾ نام نهاد مقابلي ۾ ”شهيد“ قرار ڏنل ايس ايس جي جو رٽائرڊ حوالدار محمد آصف ميڊيا آڏو پيش ٿيو، ڀارت دهشتگردي جو سڀ کان وڏو سرپرست ۽ ”انڪائونٽرستان“ بڻجي چڪو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي فوج طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ نام نهاد مقابلي دوران پاڪ فوج جي اڳوڻي اهلڪار کي مارڻ جي ڪوڙي ۽ من گهڙت دعويٰ کي مڪمل طور بي نقاب ڪندي فالس فليگ آپريشن جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر ڀارتي پروپيگنڊا جي ابتڙ زنده ۽ سلامت رٽائرڊ حوالدار محمد آصف کي قومي ۽ عالمي ميڊيا آڏو پيش ڪري نئين دهلي …

راولپنڊي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي فوج طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ نام نهاد مقابلي دوران پاڪ فوج جي اڳوڻي اهلڪار کي مارڻ جي ڪوڙي ۽ من گهڙت دعويٰ کي مڪمل طور بي نقاب ڪندي فالس فليگ آپريشن جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر ڀارتي پروپيگنڊا جي ابتڙ زنده ۽ سلامت رٽائرڊ حوالدار محمد آصف کي قومي ۽ عالمي ميڊيا آڏو پيش ڪري نئين دهلي جي کِل جوڳن دعوائن جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو. خميس ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻڌايو ته 29 سيپٽمبر تي ڀارتي فوج هڪ ٻي فالس فليگ آپريشن جو ڊرامو رچايو. 29 سيپٽمبر جي رات ڀارتي فوج جي ڪور سوشل ميڊيا تي پوسٽ ذريعي دعويٰ ڪئي ته والاريل ڪشمير ۾ هڪ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپيل دهشتگرد محمد آصف عرف هاشم موسي کي ماري لاش هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جي ڊي جي چيو ته بعد ۾ ڀارتي فوج نئين من گهڙت دعويٰ ڪندي چيو ته مارجي ويل پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ (ايس ايس جي) جو رٽائرڊ حوالدار محمد آصف آهي ، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا سروس نمبر سان گڏ تفصيل جاري ڪندي ان تي پهلگام سميت ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هجڻ جو الزام پڻ لڳايو. هن چيو ته ڀارتي دعوائن موجب آصف کي هڪ اهڙو ”سپرمين“  بڻائي پيش ڪيو ويو جيڪو هڪ ئي وقت درجنين ڪارروايون ڪري رهيو هو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هو جنهن شخص بابت ڀارت پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي اهو زنده ۽ سلامت اسان سان گڏ آهي. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر رٽائرڊ حوالدار محمد آصف کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي محمد آصف ٻڌايو ته سندس تعلق اٽڪ ضلعي جي پنڊي گهيپ سان آهي  ۽ هو  2023ع ۾ ايس ايس جي مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ راولپنڊي ۾ رهي ٿو ۽ هڪ نجي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن دوستن ۽ مائٽن جا فون ڪالز آيا ته ڀارتي ميڊيا مون کي والاريل ڪشمير ۾ مارڻ جي من گهڙت خبر هلائي آهي، مان پنهنجي گهر ۾ صحيح سلامت موجود آهيان،ڀارت جي هن سفيد ڪوڙ، بي بنياد ۽ من گھڙت الزامن جي سخت مذمت ڪريان ٿو. هن عزم ظاهر ڪيو ته هو اڳ وانگر هر وقت مادروطن جي دفاع لاءِ تيار آهي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت دنيا ۾ رياستي دهشتگردي پکيڙيندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ اڄ جو هندستان ”انڪائونٽرستان“ بڻجي چڪو آهي. مڪتي باهني کان وٺي فتنه الخوارج (ٽي ٽي پي) ۽ ٻين دهشتگرد گروهن ڀارتي فنڊنگ ۽ مدد ڪو راز ناهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير هن وقت  دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جتي 10 لک کان وڌيڪ قابض ڀارتي فوجي آهن ۽ ڪشميرين کي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ وڃڻ  لاءِ به اجازت نامو گهربل هوندو آهي. ڀارت والاريل وادي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن خلاف ٿيندڙ رياستي ظلمن ۽ ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ پاڪستان ۽ محمد آصف جهڙن بيگناهن تي الزام لڳائي رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح  لفظن ۾ چيو آهي ته ڀارتي فوج مڪمل طور سياسي ٿي چڪي آهي ۽ هندوتوا جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. هن خبردار ڪيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي دفاع ۽ خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو. جيڪڏهن دشمن ڪنهن به قسم جي جارحيت يا مهم جوئي جي ڪوشش ڪئي ته پاڪ فوج ۽ پوري قوم ان جو انتهائي سخت ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته حرمين شريفين جو تقدس ۽ سعودي عرب جي دفاع ۽ سلامتي جي حوالي سان پاڪستان جو عزم پختو ۽ اڻٽر آهي. مڪه الائنس ۽ دفاعي معاهدن تحت گڏيل تعاون هڪ حساس ۽ ڳجهو معاملو آهي، جنهن جا تفصيل ميڊيا تي بحث هيٺ نٿا آڻي سگهجن. اندروني سلامتي ۽ آئيني معاملن تي ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ فوج آئين جي تابع ۽ رياست جي حڪمن جي پابند آهي ۽ فوج جو ملڪي سياست سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته ”رياست آهي ته سياست آهي“،  ملڪي بقاءَ ۽ دهشتگردي خلاف جاري جنگ تي ڪو به سياسي سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي. خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ پابندي مڙهيل بي ايل اي وچ ۾ ڪو به فرق ناهي ۽ ٻنهي دهشتگرد گروپن کي افغان سرزمين ۽ اتي جي موجود ڌرين جي سهولتڪاري حاصل آهي، جنهن جي ازالي لاءِ رياست هر ممڪن قدم کڻندي.

مزید خبریں