اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته هلندڙ مالي سال محصولن جو هدف حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ حاصل ٿيندڙ معاشي استحڪام کي پائيدار ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي ۾ تبديل ڪرڻ ڍانچاجاتي سڌارن جو تسلسل برقرار رکڻ ۽ نجي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ترجيحن ۾ شامل آهي. چارٽر آف اڪانومي وقت …
معاشي استحڪام ۽ سڌارن جو تسلسل برقرار رهندو، چارٽر آف اڪانومي وقت جي ضرورت آهي، رڪوڊڪ گيم چينجر منصوبو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته هلندڙ مالي سال محصولن جو هدف حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ حاصل ٿيندڙ معاشي استحڪام کي پائيدار ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي ۾ تبديل ڪرڻ ڍانچاجاتي سڌارن جو تسلسل برقرار رکڻ ۽ نجي شعبي کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي ترجيحن ۾ شامل آهي. چارٽر آف اڪانومي وقت جي ضرورت آهي، سياسي پارٽين وچ ۾ معيشت جي بنيادي معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي ٿو، هڪ ڏينهن لاءِ معيشت رڪڻ سان اٽڪل 120 ارب روپين تائين جو معاشي نقصان ٿي سگهي ٿو، رڪوڊڪ پاڪستان لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي. خميس ڏينهن ڪراچي اوورسيز انويسٽمينٽ چيمبر آف ڪامرس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته اپريل 2025ع کان هن وقت تائين پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ 3 ڀيرا بهتري آئي آهي ۽ جيڪڏهن موجوده معاشي صورتحال برقرار رهي ته هلندڙ سال جي پڄاڻي يا ايندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي تائين پاڪستان جي بي پلس ريٽنگ تائين پهچڻ جي اميد آهي. پاڪستان جي گذريل اٽڪل چئن ڏهاڪن ۾ بهترين خودمختيار ريٽنگ بي پلس رهي آهي، جڏهن ته حڪومت جي ڊگهي مدي جي خواهش اٽڪل گهٽ ۾ گهٽ بي ڪيٽيگري ۾ داخل ٿيڻ آهي، معاشي استحڪام ڪو پاڻمرادو عمل ناهي پر ان لاءِ سڀ کان پهرين مقامي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيڻ ضروري آهي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري کي ان حوالي سان اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته ٻن وڏن ڪنسوريشمز اٽڪل 1.2 ارب ڊالرن جو واڪ ڏنو جڏهن ته وڏن ڪاروباري گروپس انفرادي طور واڪ لڳائڻ بدران گڏيل تعاون کي ترجيح ڏني جنهن سان مقامي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، مقامي سيڙپڪارن کانپوءِ پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ نمايان پرڏيهي دلچسپي سامهون نه آئي جڏهن ته نجڪاري جي ايندر مرحلي ۾ بجلي روهائيندڙ ڪمپنين، هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ، انشورنس ڪمپنين، زرعي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين ادارن ۾ پرڏيهي دلچسپي سامهون اچي رهي آهي، پهرين ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل ۾ سعودي عرب ۽ ترڪ سيڙپڪارن جي دلچسپي کانسواءِ ٽن ترڪ ڪمپنين جو مقامي سيڙپڪارن سان شامل ٿيڻ به اهم اڳڀرائي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي واپسي سان به سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، لنڊن ۾ جاري ڪيل 3 ارب يورو جي بانڊن جي آرڊربڪ کي جاري ڪيل ڳاڻيٽي کان اٽڪل ٻيڻو قرار ڏيندي هن چيو ته ايشيا، وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا جي ناليوارن سيڙپڪارن جي شرڪت پاڪستان جي معاشي رخ تي اعتماد جو اظهار آهي. ناڻي واري وزير چيو ته موجوده معاشي استحڪام کي مستقل بنيادن تي برقرار رکڻ پهرين ترجيح آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا بوم اينڊ بسٽ سائيڪلز مان گذريو آهي ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ ۾ ڪيترائي سال لڳا، رڳو نظام ۾ ڪيش وڌائي يا کپت تي ٻڌل ترقي ذريعي 6، 7، يا 8 سيڪڙو جي اوسر واري شرح حاصل ڪرڻ پائيدار حل ناهي. ڇاڪاڻ ته آمدني واپار ۾ تيزي جي نتيجي ۾ ٻيهر ادائيگين جي توازن جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ان لاءِ اقتصادي ترقي کي روانگي واپار تي ٻڌل رخ ۾ اڳتي وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ اوسر واري شرح 3.7 سيڪڙو جڏهن ته هلندڙ مالي سال لاءِ 4 سيڪڙو اوسر واري شرح جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، گڏ ئي ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن، نجڪاري ۽ پبلڪ فنانس ۾ سمورن شعبن ۾ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو. هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس جي خاتمي ۽ ڪيترن ٽيڪس سليبز ۾ گهٽتائي ذريعي صنعت کي رليف ڏنو ويو آهي جڏهن ته روانگي واپار ڪندڙن کي اٽڪل ساڍا 4 سيڪڙو جي شرح تي فنانسنگ دستياب آهي، جيڪا موجوده اٽڪل 11.5 سيڪڙو پاليسي ريٽ جي ڀيٽ ۾ واضح سهولت آهي. چارٽر آف اڪنامي جي ضرورت تي زور ڀريندي ناڻي واري وزير چيو ته سياسي پارٽين جو هر معاملي تي مڪمل اتفاق راءِ ضروري ناهي جڏهن ته معيشت جي بنيادي معاملن تي ٻن کان ٽن نڪتن تي اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي ٿو. پيٽروليم شين جي حوالي سان هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن ۾ پيدا ٿيل صورتحال جو پاڪستان سان جائزو ضروري آهي، ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏني وئي، نه ئي پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ قطارون لڳيون ۽ نه ئي ان حوالي سان امن امان جي ڪا صورتحال پيدا ٿي. معاشري جي وڌيڪ متاثر ٿيل طبقي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ٻن ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين خاص ڪري گهٽ انجڻ صلاحيت رکندڙ گاڏين جي صارفين کي هدفي سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي. رڪوڊڪ منصوبي جي حوالي سان سوال تي وفاقي وزير ٻڌايو ته اٽڪل 3.5 ارب ڊالرن جي فنانسنگ بدستور برقرار آهي ۽ منصوبي جي اسپانسر بيرڪ گولڊ طرفان سيڪيورٽي ريويو جاري آهي. منصوبي جي فنانسنگ آءِ ايف سي جي قيادت ۾ قائم سنڊيڪيشن ذريعي فراهم ڪئي پئي وڃي، يو ايس ايڪسم بئنڪ ۽ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ سميت لاڳاپيل مالياتي ادارن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اميد آهي ته سيڪيورٽي ريويو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ رڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي ٿيندي، هي پاڪستان لاءِ انتهائي اهم ۽ گيم چينجر منصوبو آهي. هن چيو ته ٻطرفي حصيدارن سان لاڳاپن کي امداد کان واپار ۽ سيڙپڪاري ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.










