وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي هم منصب کي ٽيليفون، وزيراعظم انور ابراهيم جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، گڏيل لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هن ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ٽيليفون تي سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هن ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ٽيليفون تي سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ هن مشڪل وقت ۾ سندس ۽ ان جي خاندان جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي.

مزید خبریں