سون جي قيمت ۾ 3 هزار روپين جي گهٽتائي سان في تولو 4 لک 38 هزار 636 روپيا ٿي ويو

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 38 هزار 636 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ 3 هزار روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 38 هزار 636 روپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 38 هزار 636 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ 3 هزار روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 38 هزار 636 روپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2 هزار 572 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 78 هزار 631 روپين کان گهٽ ٿي 3 لک 76 هزار 59 روپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 47 هزار 91 روپين کان گهٽجي 3 لک 44 هزار 733 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن جي رپورٽ موجب چاندي جي في تولو جي قيمت ۾ پڻ 50 روپين جي گهٽتائي ٿي جنهن کانپوءِ چاندي في تولو 6 هزار 528 روپيا ٿي وئي.

مزید خبریں