پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب خميس ڏينهن انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 277 روپيا 10 پئسا ٿي وئي آهي. انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب خميس ڏينهن انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 277 روپيا 10 پئسا ٿي وئي آهي. انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 73 روپيا 79 پئسا جڏهن ته بحريني دينار جو اگهه734 روپيا 99 پئسا رهيو. اهڙي طرح عماني ريال جو انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 719 روپيا 75 پئسا رهيو، ڪويتي دينار جو اگهه 899 روپيا 82 پئسا ۽ قطري ريال جو اگهه 76 روپيا 2 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 277 روپيا 95 پئسا ۽ وڪري واري قيمت 278 روپيا 15 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں