اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي واپس آڻي خيبرپختونخوا ۾ ٻيهر آباد ڪرڻ پٺيان مڪروه عزم هئا، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ دفاع واري وزير موقف اختيار ڪيو ته هو ان ڌرين ۾ پنهنجو هڪ حلقو پيدا ڪري رهيو هو ته جيئن پاڪستان …
پي ٽي آءِ جي باني طرفان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي واپس آڻي ٻيهر ڪي پي ۾ رهائڻ پٺيان مڪروه ارادا هئا: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي)بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي واپس آڻي خيبرپختونخوا ۾ ٻيهر آباد ڪرڻ پٺيان مڪروه عزم هئا، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ دفاع واري وزير موقف اختيار ڪيو ته هو ان ڌرين ۾ پنهنجو هڪ حلقو پيدا ڪري رهيو هو ته جيئن پاڪستان کي هڪ تابع رياست بڻائڻ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هو نجي فوج جو ڪردار ادا ڪري سگهن. خواجه محمد آصف چيو ته اڄ خيبرپختونخوا جي حڪومت ٽي ٽي پي جي جاري رتوڇاڻ ۽ دهشتگرداڻي مهم آڏو ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڏيکاري رهي آهي. هن الزام لڳايو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت باقاعده هڪ پاليسي تحت دهشتگردي جي متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار کان به ڪيٻائي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي هن کليل مهم سامهون ماٺ ويهي رهڻ حقيقت ۾ دهشتگردن جي کليل مدد ۽ حوصلا افزائي جي برابر آهي.










