ذهني صحت کانسواءِ صحت جو تصور نامڪمل آهي، قومي ذهني صحت پاليسي گڏيل قومي رخ جو تعين ڪري ٿي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ذهني صحت کانسواءِ صحت جو تصور نامڪمل آهي، قومي ذهني صحت پاليسي پاڪستان ۾ ذهني صحت جي شعبي لاءِ گڏيل قومي رخ جو تعين ڪري ٿي، ذهني صحت جي خدمتن کي هٿي ڏيڻ، روڪٿام، شروعاتي سڃاڻپ، علاج ، بحالي ۽ صحتيابي جي پوري تسلسل سان ڳنڍيو ويندو، ٻوڏ ۽ ٻين هنگامي حالتن ۾ ذهني …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ذهني صحت کانسواءِ صحت جو تصور نامڪمل آهي، قومي ذهني صحت پاليسي پاڪستان ۾ ذهني صحت جي شعبي لاءِ گڏيل قومي رخ جو تعين ڪري ٿي، ذهني صحت جي خدمتن کي هٿي ڏيڻ، روڪٿام، شروعاتي سڃاڻپ، علاج ، بحالي ۽ صحتيابي جي پوري تسلسل سان ڳنڍيو ويندو، ٻوڏ ۽ ٻين هنگامي حالتن ۾ ذهني صحت جي ضرورتن کي قومي ريسپانس جو حصو بڻايو ويندو ۽ ڊجيٽل هيلٿ سروسز ذريعي گهٽ سهولت وارن علائقن تائين ذهني صحت جون خدمتون پهچايون وينديون. اهڙو اظهار هن ٻن ڏينهن واري پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي صحت پاليسي پڻ جاري ڪئي وئي. پاليسي جو مقصد سڄي ملڪ ۾ ذهني صحت جي خدمتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ هر خاندان تائين ذهني صحت جي سهولتن جي رسائي يقيني بڻائڻ آهي، سمٽ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ذهني صحت صرف صحت جي شعبي جو مسئلو ناهي پر قومي ذميواري آهي، جنهن لاءِ صحت، تعليم، ڪميونٽيز ۽ ٻين شعبن وچ ۾ گڏيل قدم ضروري آهن. هن چيو ته اندازن موجب پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهن کي نفسياتي مدد گهربل آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ هر 5 لک ماڻهن لاءِ هڪ کان به گهٽ نفسياتي ماهر دستياب آهي. هن چيو ته انهن انگن اکرن پٺيان اهڙا ٻار آهن جيڪي اسڪولن ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن اهڙا والدين آهن جيڪي ڪم نٿا ڪري سگهن ۽ اهڙا خاندان آهن جيڪي مدد لاءِ ڪوشان آهن، ان لاءِ هر ماڻهو پرگهور، وقار ۽ احترام جو حقدار آهي. هن چيو ته قومي صحت پاليسي ملڪ لاءِ گڏيل رخ فراهم ڪري ٿي، جڏهن ته سمورن صوبن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي پنهنجي مقامي ضرورتن موجب قدم کڻڻ جي گنجائش ڏني وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ذهني صحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ وقت سر چڪاس، علاج، بحالي ۽ صحتيابي تائين پرگهور جي مڪمل نظام طور ڏسي ٿي. پاليسي ترجيحن ۾ بنيادي صحت جي سهولتن ۾ ذهني صحت کي شامل ڪرڻ، ڪميونٽيز تي ٻڌل خدمتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ضرورت موجب خصوصي طبي سهولتن تائين رسائي يقيني بڻائڻ شامل آهي. هن چيو ته ٻارن ۽ نوجوانن کي قومي ذهني صحت جي رد عمل ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هجڻ گهرجي، جڏهن ته اسڪولن، خاندانن ۽ صحت جي خدمتن وچ ۾ تعاون ذريعي ذهني صحت جي ضرورت جي شروعاتي مرحلي تي نشاندهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ ضروري آهي، وفاقي وزير ٻوڏ ۽ ٻين هنگامي حالتن دوران ذهني صحت جي مدد مضبوط بڻائڻ، طبي عملي جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڏورانهن علائقن، گهٽ ترقي يافته آبادين تائين رسائي لاءِ ڊجيٽل صحت جي خدمتن جي استعمال ۾ توسيع تي زور ڀريو آهي. هن اعلان ڪيو ته پاليسي جي واعدن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ صوبائي صحت ۽ تعليم جي کاتن سان مفاهمتي يادداشتون طئي ڪيون وينديون جڏهن ته اسلام آباد ڊڪلريشن فار مينٽل هيلٿ پڻ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورا صوبا شروعات ۾ ئي پاليسي جي تياري جي عمل جو حصو رهن ۽ وفاقي حڪومت صوبن کي ان جي ضرورتن موجب عملدرآمدي منصوبا تيار ڪرڻ لاءِ گهربل فني مدد فراهم ڪندي.

مزید خبریں