اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت 126 صفحن تي ٻڌل قاعدا ۽ ضابطا (رولز) پبلڪ ڪري ڇڏيا آهن جن تحت عدالت، توهين عدالت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهندي جڏهن ته ڪنهن به شخص جي درخواست تي به توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪري سگهجي ٿي. رولز موجب بي بنياد يا بدنيتي تي ٻڌل نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ تي وڪيل خلاف قانوني ڪارروائي کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ 25 …
وفاقي آئيني عدالت جي 126 صفحن تي ٻڌل پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز جاري، توهين عدالت پاڻمرادو نوٽيس ۽ نظرثاني درخواستن بابت اهم قاعدا جوڙا ويا

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت 126 صفحن تي ٻڌل قاعدا ۽ ضابطا (رولز) پبلڪ ڪري ڇڏيا آهن جن تحت عدالت، توهين عدالت جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهندي جڏهن ته ڪنهن به شخص جي درخواست تي به توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪري سگهجي ٿي. رولز موجب بي بنياد يا بدنيتي تي ٻڌل نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ تي وڪيل خلاف قانوني ڪارروائي کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار خرچ لاڳو ڪري سگهبا. رولز موجب ڌر طرفان بي بنياد يا بدنيتي تي ٻڌل نظرثاني دروخواست داخل ڪرڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا خرچ لاڳو هوندا جڏهن ته نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي کان اڳ درخواستگذار کي 50 هزار روپيا ضمانت طور جمع ڪرائڻا پوندا. درخواست خارج يا بي بنياد قرار ڏيڻ جي صورت ۾ 50 هزار روپيا جي ضمانت ضبط ڪئي ويندي، وفاقي آئيني عدالت جي رولز ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته نظرثاني درخواست انهي بينچ آڏو مقرر ٿيندي جنهن اصل فيصلو يا حڪم جاري ڪيو هو. اصل بينچ جو ڪو جج دستياب نه هجڻ جي صورت ۾ جتي ممڪن ٿيو انهي بينچ جي هڪ يا وڌيڪ ججن تي ٻڌل بينچ نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪندي. نظرثاني جي حڪم خلاف وڌيڪ نظرثاني درخواست داخل نه ڪري سگهبي ۽ اهڙي درخواست رجسٽري ۾ به قبول نه ڪئي ويندي. رولز موجب موت جي سزا بابت نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ تي رجسٽرار لاڳاپيل حڪومت کي فوري آگاهه ڪندي. نظرثاني درخواست جي فيصلي تائين موت جي سزا تي عملدرآمد پاڻمرادو طور معطل رهندو ۽ ان مقصد لاءِ عدالت جي ڌار حڪم جي ضرورت نه پوندي. جڏهن ته اپيل، نظرثاني يا رحم جي درخواست سميت سموريون قانوني گهرجون مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻمرادو معطلي جو اصول لاڳو نه ٿيندو. وفاقي آئيني عدالت آئين جي تشريح بابت اهم سوال موجود هجڻ تي ڪنهن عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري سگهندي، لاڳاپيل عدالت رڪارڊ فوري يا وفاقي آئيني عدالت جي مقرر مدي ۾ موڪليندي جنهن کانپوءِ رجسٽرار رڪارڊ مناسب حڪمن لاءِ عدالت آڏو پيش ڪندو، ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ عدالت انصاف جي گهرجن موجب مناسب حڪم جاري ڪري سگهندي ۽ ضرورت پوڻ تي تصديق ٿيل نقل يا وڌيڪ هدايتن سان رڪارڊ لاڳاپيل عدالت کي واپس موڪلي ويندي. رٽ آف هيپس ڪارپس بابت رولز تحت درخواست رجسٽري يا برانچ رجسٽري ۾ داخل ٿيندي ۽ حراست ۾ ورتل شخص جو حلف نامو درخواست سان گڏ شامل ڪرڻو پوندو. درخواست ۾ اهو به ٻڌايو ويندو ته انهي رليف لاءِ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو آهي يا نه. جيڪڏهن حراست سبب حراست ۾ ورتل شخص حلف نامو ڏيڻ کان قاصر هوندو ته حقيقتن کان واصف ٻي شخص جو حلف نامو جمع ڪرائي سگهبو جنهن ۾ حلف نامو نه ڏيڻ جا سبب به بيان ڪرڻا پوندا. رولز موجب آئين جي آرٽيڪل 175 اي جي شق 3 تحت هيپس ڪارپس درخواست 7 ڏينهن اندر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي ويندي ۽ اهڙي درخواست يا ڄاڻايل شق تحت فوجداري ڪارروائي تي ڪا عدالتي فيس لاڳو نه هوندي. رولز ۾ فوجداري ڪيسن ۾ اپيل جي اجازت جي درخواست فيصلي تي حتمي حڪم جي تاريخ کان 60 ڏينهن اندر داخل ڪرڻ جو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي، فارن ايڪسچينج ريگوليشن ايڪٽ 1947ع جي ڪيسن ۾ جيڪڏهن اسٽيٽ بئنڪ ڌر نه ٿي ته ان کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو، وفاقي آئيني عدالت رولز ۾ التوا جي حوالي سان به واضح قاعدا جوڙيا ويا آهن، مقرر وڪيل پيش نه ٿي سگهي ته ايڊووڪيٽ آن رڪارد عدالت جي مدد ۽ ڪارروائي کي اڳتي وڌائڻ جو پابند هوندو، التوا کي ڇوٽ جو قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ڪنهن به ڌر کي التو جو حق حاصل نه هوندو، مبهم، رسمي، غير ضروري يا ڪارروائي ۾ دير جي غرض سان داخل درخواست رد ڪري سگهجي ٿي. رولز موجب مناسب سبب کانسواءِ صرف سهولت يا دير لاءِ التوا طلب ڪئي وڃي ته عدالت ڪارروائي جاري رکي سگهندي . پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي ڪيس خارج ڪري سگهبو ۽ ڏوهي ڌر ۽ وڪيل يا ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ تي ازالي جا خرچ لاڳو ڪري سگهبا، بي بنياد يا بدنيتي تي ٻڌل درخواست تي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار روپيا عدالتي خرچ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويندو جيڪو ضبط يا مخالف ڌر کي ادا ڪري سگهبا. رولز تحت رجسٽرار قاعدن جي خلاف يا توهين جوڳن لفظن تي ٻڌل درخواست وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو، رجسٽرار جي انڪار خلاف 14 ڏينهن اندر جج ان چيمبرز آڏو اپيل داخل ڪري سگهبي، آئين جي آرٽيڪل 63 اي بابت رولز موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف وفاقي آئيني عدلات ۾ اپيل داخل ڪري سگهبي، اهڙي اپيل اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي تاريخ کان 30 ڏينهن اندر داخل ڪرڻي پوندي ۽ هر اپيل جو فيصلو داخل ڪرڻ جي 90 ڏينهن اندر ڪيو ويندو، رولز موجب ان شق بابت حڪمن بابت آئيني ترميم جي لاڳو ٿيڻ بعد ڪيل فيصلن تي لاڳو ٿيندا ۽ اهي اپيلون ترميم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ٿيندڙ عام چونڊن کان لاڳو ٿينديون. وفاقي آئيني عدالت ۾ وڪيل جي دليلن وقت بابت رولز ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته هر ڪيس، درخواست يا اپيل ۾ هر ڌر کي زباني دليل لاءِ 10 منٽ ڏنا ويندا جڏهن ته قانون جي اهم سوال تي ٻڌل ڪيس ۾ هر ڌر کي گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽن جو وقت گهربل هوندو، عدالت جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ مقرر وقت کان وڌيڪ دليل نه ڏئي سگهبا، رولز موجب مختصر تحريري دليل ٻڌڻي کان گهٽ ۾ گهٽ 2 ڏينهن اڳ سافٽ يا اسڪين ٿيل ڪاپي سان جمع ڪرائڻا پوندا، عدالت مقرر وقت جي سختي سان پابندي يقيني بڻائيندي ۽ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ ضروري حڪم جاري ڪري سگهندي. وفاقي آئيني عدالت ۾ هر ڪيس، معاملو يا اپيل گهٽ ۾ گهٽ 2 ججن تي ٻڌل بينچ ٻڌندي. هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ جي فيصلي سان پيدا ٿيل اپيل گهٽ ۾ گهٽ ٻن ججن تي ٻڌل بينچ ٻڌندي، بينچ ۾ ججن جي راءِ برابر هجڻ جي صورت ۾ معاملو ٻئي جج يا چيف جسٽس جي نامزد ڪيل وڏي بينچ کي موڪلي سگهبو. رولز موجب چيف جسٽس ڪيس جي اهميت، پيچيدگي يا عوامي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به مرحلي تي وڏي بينچ جوڙي سگهي ٿو، جڏهن ته وڏي بينچ ۾ ججن جو انگ چيف جسٽس جي حڪم ذريعي مقرر ڪندو. وڪيلن بابت قاعدن تحت سينئر ايڊووڪيٽس، ايڊووڪيٽس ۽ ايڊووڪيٽس آن رڪارڊ جا ڌار ڌار رول برقرار رکيا ويندا. پاڪستان بار ڪائونسل جو انرولمينٽ سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به وڪيل کي رول تي صحيح جي اجازت نه هوندي، پيشيوراڻي بدعنواني يا بدسلوڪي جي صورت ۾ چيف جسٽس ۽ ججز وڪيل جو نالو رولز مان خارج ڪري سگهندو. رولز موجب ايڊووڪيٽ طور انرولمينٽ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 7 سال هاءِ ڪورٽ جو ايڊووڪيٽ رهڻ لازمي هوندي، هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ججز کي وڪيل جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ دليل ڏيڻ جي موزونيت جي تصديق ڪرڻي پوندي، چيف جسٽس ۽ ججز علم، قابليت ۽ تجربي جي بنياد تي وڪيلن کي سينئر ايڊووڪيٽ نامزد ڪري سگهندا، سينئر ايڊووڪيٽ کي ٻين وڪيلن تي ترجيح حاصل هوندي ۽ ان لاءِ انرولمينٽ فيس هڪ لک روپيا مقرر ڪئي وئي آهي، وفاقي آئيني عدالت جي رولز موجب سمورا ڪيس، درخواستون، اپيلون ۽ نظرثاني درخواستون مختلف قسمن ۽ ذيلي قسمن ۾ ورهايل هونديون، رجسٽرار چيف جسٽس جي منظور سان ڪيسن جي فائلنگ، جاچ، رجسٽريشن، فهرست سازي، ورهاست ۽ ڳڻپ واري نظام جو جامع شيڊول جوڙي ۽ شايع ڪندو.











