وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي ٽيليفون، سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ٽيليفون تي سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان فون تي تمام گهڻي گرمجوشي ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم جي …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ٽيليفون تي سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان فون تي تمام گهڻي گرمجوشي ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ملائيشيا جي وزيراعظم جي مرحوم ڀاءُ جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ هن مُشڪل وقت ۾ وزيراعظم انور ابراهيم ۽ سندس خاندان لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. ملائيشيا جي وزيراعظم پنهنجي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، خاص طور تي اقتصادي تعاون جي شعبي ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.

مزید خبریں