عورتُون ڇاتيءَ جي صحت کي سنجيدگي سان وٺن ۽ جسم ۾ ڪنهن به غير معمولي تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي طبي صلاح وٺن: خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي ڇاتيءَ جي صحت کي سنجيدگي سان وٺن ۽ جسم ۾ ڪنهن به غير معمولي تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي طبي صلاح وٺن، ڇاتيءَ جي ڪينسر هڪ قابل علاج بيماري آهي جڏهن ته بروقت سڃاڻپ ۽ فوري علاج قيمتي انساني زندگيون بچائي سگهي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي ڇاتيءَ جي صحت کي سنجيدگي سان وٺن ۽ جسم ۾ ڪنهن به غير معمولي تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي طبي صلاح وٺن، ڇاتيءَ جي ڪينسر هڪ قابل علاج بيماري آهي جڏهن ته بروقت سڃاڻپ ۽ فوري علاج قيمتي انساني زندگيون بچائي سگهي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن ڇاتيءَ جي ڪينسر کان آگاهي واري مهيني جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾، خاتون اول چيو ته هي مهينو عورتن کي ياد ڏيارڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو ته انهن جي صحت جو خيال رکڻ جو مطلب پنهنجي جسم کان آگاهه رهڻ ۽ ڪنهن به غير معمولي تبديلي جي صورت ۾ بروقت قدم کڻڻ به آهي. هن چيو ته باقاعدگي سان پاڻ معائنو ڪرڻ سان عورتون پنهنجي جسم ۾ معمول جي تبديلين کان آگاهه رهي سگهن ٿيُون ۽ اهو ڄاڻي سگهن ٿيُون ته ڪڏهن انهن کي طبي مشورا وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورتن کي اسڪريننگ خدمتن جي حاصل سهولتن تي باقاعدگي سان ميموگرام ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي. هن اها به نساندهي ڪئي ته جيڪي عورتُون باقاعدگي سان ميموگرافي اسڪريننگ ناهن ڪرائينديون انهن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جا 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيسز جو پاڻ تشخيص ذريعي پتو لڳندو آهي، تنهن ڪري جسم ۾ ٿيندڙ تبديلين کان آگاهي تمام گهڻي اهم آهي. خاتون اول چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته ڪيتريُون ئي عورتُون خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن سان لاڳاپو رکندڙ عورتُون اڃان تائين دير سان ڊاڪٽر سان رجُوع ڪن ٿيون. اهو ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻ جي کوٽ، ڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن طبي سهولتن جي پري هجڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن تشخيص ۽ علاج جي خرچن جي ناقابل برداشت محسوس ٿيڻ آهي. هن چيو ته ڪنهن به عورت کي صرف ان ڪري جيئڻ جو موقعو نه وڃائڻ گهرجي ته هوءَ غريب آهي، ڪنهن وڏي شهر کان پري رهي ٿي يا طبي مدد وٺڻ کان ڊڄي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرڪاري ادارن ۽ سول سوسائٽي کي وڌيڪ قدمن کي يقيني بڻائڻو پوندو ته جيئن هر عورت کي صحت بابت آگاهي، اسڪريننگ ۽ گهربل ضروري طبي سارسنڀال تائين پهچ حاصل ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اسڪريننگ ۽ علاج کي وڌيڪ پهچ جوڳو بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جن ۾ سرڪاري اسپتالن ۽ ڪينسر جي علاج جي يونٽن ۾ مفت ميموگرافي ۽ تشخيصي سهولتن جي فراهمي شامل آهي. اهي سهولتون جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ ڊاڪٽر رٿ ڪي ايم فاؤ سول اسپتال ڪراچي ۾ موجود آهن. خاتون اول هر عمر جي عورتن تي زور ڏنو ته اهي ڇاتيءَ جي پاڻ معائني کي پنهنجي معمول جي صحت جي سار سنڀال جو حصو بڻائين. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي نشانين کي سڃاڻڻ ۽ بنا ڪنهن دير جي طبي امداد حاصل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.

مزید خبریں