قمبر شهدادڪوٽ پوليس جي ڪارروائي، چاٻي چور گرفتار، 5 موٽرسائيڪلون هٿ

لاڙڪاڻو - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ پوليس ڪارروائي دوران  ھڪ چاٻي چور کي  گرفتار  سندس قبضي مان پنج موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو .پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي  جي  ھدايتن تي قمبر سٽي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون.ايس ايڇ او قمبر سٽي سب انسپيڪٽر عبدالغفار ڦلپوٽو  جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل چوري جي وارداتن واري …

لاڙڪاڻو – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ پوليس ڪارروائي دوران  ھڪ چاٻي چور کي  گرفتار  سندس قبضي مان پنج موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو .پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي  جي  ھدايتن تي قمبر سٽي پوليس جون ڪامياب ڪارروايون.ايس ايڇ او قمبر سٽي سب انسپيڪٽر عبدالغفار ڦلپوٽو  جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل چوري جي وارداتن واري گينگ جو اھم اڳواڻ شيعب علي ميرجت  کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدار جو تعلق ضلعي مٽياريءَ سان آهي جيڪو ھينئر  لاڙڪاڻي ۾ رهندڙ آهي. جوابدار وٽان واردات ۾ استعمال ٿيندڙ چاٻي به هٿ آئي آهي. پڇا ڳاڇا دورانِ جوابدار پنهنجن ساٿين جا نالا به ٻڌايا آهن، جن تي ٽيڪنيڪل ٽيم ڪم ڪري رهي آهي ، جڏهن ته جوابدار جي قبضي مان شهرين جون ڦر ڪيل ۽ چوري ٿيل پنج موٽرسائيڪلون به هٿ ڪيون ويون آهن.ھٿ ڪيل موٽر سائيڪلون تصديق کان پوءِ اصل مالڪن ، ناظم علي چانڊيو , محمد حنيف جاگيراڻي , زبير احمد گوپانگ , سرفراز احمد چانڊيو ۽ راحب علي چانڊيو  حوالي ڪيون ويون .