سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي آمريڪا جي سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي جي اڳواڻ سان ملاقات، سهڪار کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض-30 سيپٽمبر(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سرڪاري دوري دوران واشنگٽن ۾ سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي بابت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ٽام ڪاٽن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال، ڄاڻايل شعبن ۾ آمريڪي سعودي تعاون کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ شهزاده فيصل بن فرحان سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر …

رياض-30 سيپٽمبر(اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سرڪاري دوري دوران واشنگٽن ۾ سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي بابت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ٽام ڪاٽن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال، ڄاڻايل شعبن ۾ آمريڪي سعودي تعاون کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کانسواءِ شهزاده فيصل بن فرحان سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر راجروڪر ۽ ڪميٽي جي سينيئر ميمبر سينيٽر جيڪ ريڊ سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ رابطن ۽ سهڪار بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي .