لاڙڪاڻو-30 سيپٽمبر(اي پي پي)شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) جي گڏيل سھڪار سان “Together Against Corruption” جي عنوان هيٺ ڪرپشن خلاف عوامي جاڳرتا لاءِ مختلف آگاهي سرگرمين جو اهتمام ڪيو ويو، جنھن ۾ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سمورن ڪاليجن ۽ ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. ان سلسلي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي جمنيزيم هال ۾ هڪ ڏينهن واري پوسٽر ۽ چترڪاريءَ جي نمائش …
شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ ڪرپشن خلاف جاڳرتا پروگرام منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-30 سيپٽمبر(اي پي پي)شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) جي گڏيل سھڪار سان “Together Against Corruption” جي عنوان هيٺ ڪرپشن خلاف عوامي جاڳرتا لاءِ مختلف آگاهي سرگرمين جو اهتمام ڪيو ويو، جنھن ۾ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سمورن ڪاليجن ۽ ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. ان سلسلي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي جمنيزيم هال ۾ هڪ ڏينهن واري پوسٽر ۽ چترڪاريءَ جي نمائش منعقد ڪئي وئي. نمائش ۾ يونيورسٽي جي ماتحت مختلف ڪاليجن ۽ ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪرپشن خلاف جاڳرتا لاءِ وڏي انگ ۾ پوسٽر ۽ چترڪاريءَ جا نمونا تيار ڪري پيش ڪيا. شاگردن پنهنجي تخليقن ذريعي ڪرپشن جو سماج تي پوندڙ ناڪاري اثرن ۽ ان جي خاتمي لاءِ هر فرد جي ذميواريءَ کي اجاگر ڪيو.ان کان علاوه چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي آخري سال وارن شاگردن جي ليڪچر هال ۾ پڻ هڪ آگاهي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين “Together Against Corruption” جي عنوان تي پنجن منٽن جا وڊيوز تيار ڪري پيش ڪيا. انھن وڊيوز ۾ ڪرپشن جي مختلف صورتن، ان جي سماجي نقصانن ۽ ان جي روڪٿام بابت تخليقي انداز ۾ پيغام ڏنو ويو.ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه خطاب ڪندي چيو ته بھتر تعليم ئي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته جيڪو جيترو وڏو عھدو رکي ٿو، اهو اوتري وڏي ڪرپشن ڪري ٿو. اڄ شاگردن جو جوش جذبو ڏسي يقين پختو ٿي ويو آهي ته بھتري جي اميد موجود آهي، ۽ بھتريءَ جي شروعات هر فرد کي پاڻ کان ڪرڻ گهرجي. هر فرد جي انفرادي سڌاري سان ئي معاشري ۾ مجموعي بھتري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ڪرپشن جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن هر گهر جو سربراهه پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ٻين لاءِ مثالي ڪردار بڻجي. ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاهده مگسي پنھنجي خطاب ۾ چيو ته ڪرپشن رڳو مالي نقصان جو سبب نٿي بڻجي، پر اها معاشري جي اخلاقي قدرن ۽ ادارن تي عوام جي اعتماد کي پڻ متاثر ڪري ٿي. شاگرد ملڪ ۽ معاشري جو مستقبل آهن، تنھن ڪري کين ايمانداري، ميرٽ ۽ ذميواريءَ جي اصولن کي پنھنجي عملي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ گهرجي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو ۽ پروگرام جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر مسعود احمد قريشي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ پروفيسر صالح چنه، پروفيسر قائم الدين شيخ، پروفيسر نظير احمد ٻرڙو، پروفيسر علي حيدر بلوچ، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي مختلف ڪاليجن ۽ ادارن سان لاڳاپيل استادن، آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











