حيدرآباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي)لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس چوري جي الزام ۾ هڪ ٻار کي ٿنڀي سان ٻڌي کيس تشدد جو نشانو بڻائيندڙ شخص عامر قريشي ۽ چوري جي الزام ۾ نامزد ٻار ذوهيب کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران ٻار اعتراف ڪيو آهي ته ان گذريل رات عامر قريشي جي گهران موبائيل فون چوري ڪئي هئي. پوليس موجب قانون کي هٿ …
لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ٻار کي ٿنڀي سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ شخص ۽ چوري جي الزام ۾ نامزد ٻار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

مزید خبریں
حيدرآباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي)لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس چوري جي الزام ۾ هڪ ٻار کي ٿنڀي سان ٻڌي کيس تشدد جو نشانو بڻائيندڙ شخص عامر قريشي ۽ چوري جي الزام ۾ نامزد ٻار ذوهيب کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران ٻار اعتراف ڪيو آهي ته ان گذريل رات عامر قريشي جي گهران موبائيل فون چوري ڪئي هئي. پوليس موجب قانون کي هٿ ۾ کڻي ٻار کي تشدد جو نشانو بنائيندڙ عامر قريشي جي خلاف به قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي . واضع رهي ته ٻار کي ٿنڀي سان ٻڌي تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن بعد ايس ايس پي پاران نوٽيس وٺڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي.











