شڪارپور- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي ريبيز ڊي جي موقعي تي ضلعي شڪارپور جي سول اسپتال ۾ ربيز کان بچاءُ، عوامي شعور ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ بابت هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي گذري، جنهن ۾ ربيز کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊي ايڇ او نياز احمد ڏهر چيو ته ريبيز هڪ خطرناڪ وائرس آهي، جيڪو متاثر …
شڪارپور ۾ عالمي ريبيز ڊي جي موقعي تي سول اسپتال ۾ ربيز کان بچاءُ، عوامي شعور ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ بابت هڪ گڏجاڻي

مزید خبریں
شڪارپور- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي ريبيز ڊي جي موقعي تي ضلعي شڪارپور جي سول اسپتال ۾ ربيز کان بچاءُ، عوامي شعور ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ بابت هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي گذري، جنهن ۾ ربيز کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊي ايڇ او نياز احمد ڏهر چيو ته ريبيز هڪ خطرناڪ وائرس آهي، جيڪو متاثر جانورن، خاص طور ڪُتن ۽ ٻِلين جي چڪ يا لعاب ذريعي انسانن تائين منتقل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته جانور جي چَڪ کي ڪنهن به صورت ۾ معمولي نه سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته وقت سر علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ ريبيز جان ليوا ثابت ٿي سگهي ٿي. صحت کاتي جي ماهرن موجب ڪُتي يا ڪنهن به شَڪي جانور جي چڪ لڳڻ جي صورت ۾ زخم کي فوري طور تي صابڻ ۽ وهندڙ پاڻي سان چڱيءَ طرح ڌوئڻ گهرجي ۽ بنا ڪنهن دير جي ويجهي صحت مرڪز يا اسپتال سان رابطو ڪري طبي ماهرن جي هدايت موجب حفاظتي ويڪسين ۽ گهربل علاج ڪرايو وڃي. عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جانورن، خاص طور ڪُتن کي غير ضروري طور ڇيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ٻارن کي پڻ جانورن کان محفوظ فاصلو رکڻ بابت آگاهي ڏني وڃي. پالتو ڪتن ۽ ٻين جانورن جي وقت سر ويڪسينيشن پڻ ربيز کان بچاءُ جو اهم ذريعو آهي. صحت کاتي پاران عوام تي زور ڏنو ويو ته ريبيز جي روڪٿام لاءِ عوامي شعور، ذميوار طريقي سان جانورن جي پالنا، جانورن جي وقت سر ويڪسينيشن ۽ جانور جي چڪ لڳڻ کان پوءِ فوري طبي امداد حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي اي ڊي او هيلٿ سهيل احمد، فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار سميت صحت کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











