شڪارپور ۾ لکي غلام شاهه پوليس جي ڪارروائي، هڪ جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

لاڙڪاڻو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) منشيات کان پاڪ شڪارپور مهم تحت لکي غلام شاهه پوليس گشت دوران ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات فروش معشوق علي مهر کي 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان موجب ڊي ايس پي لکي غلام شاهه محمد علي سومرو جي سربراهي ۾ پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان خريدارن، مقامي …

لاڙڪاڻو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) منشيات کان پاڪ شڪارپور مهم تحت لکي غلام شاهه پوليس گشت دوران ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات فروش معشوق علي مهر کي 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان موجب ڊي ايس پي لکي غلام شاهه محمد علي سومرو جي سربراهي ۾ پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان خريدارن، مقامي ڊيلرن ۽ سهولتڪارن بابت پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ ”زيرو ٽالرنس“ پاليسي تحت نتيجو ڏيندڙ ڪارروائيون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهنديون.