اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ڪشمير ڪائونسل لاءِ مشتاق منهاس، چوڌري سعيد ۽ چوڌري منظور کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ وزيراعظم بئريسٽر سيد افتخار گيلاني جي سوشل ميڊيا پوسٽ مطابق مسلم ليگ (ن) 12 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ڪشمير ڪائونسل جي 4 ميمبرن جي چونڊن لاءِ پونڇ ڊويزن مان راجا مشتاق منهاس، ميرپور ڊويزن …
مسلم ليگ (ن) ڪشمير ڪائونسل لاءِ مشتاق منهاس، چوڌري سعيد ۽ چوڌري منظور کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ڪشمير ڪائونسل لاءِ مشتاق منهاس، چوڌري سعيد ۽ چوڌري منظور کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ وزيراعظم بئريسٽر سيد افتخار گيلاني جي سوشل ميڊيا پوسٽ مطابق مسلم ليگ (ن) 12 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ڪشمير ڪائونسل جي 4 ميمبرن جي چونڊن لاءِ پونڇ ڊويزن مان راجا مشتاق منهاس، ميرپور ڊويزن مان چوڌري سعيد ۽ مظفر آباد ڊويزن مان چوڌري منظور کي اميدوار نامزد ڪيو آهي. وزيراعظم افتخار گيلاني نامزد اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون آهن.












