پشاور- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته وفاقي حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي پر عدالتن مان سزا مليل شخص جي آزادي تي ڪا به ڳالهه نه ٿيندي، سهيل آفريدي جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، سندس پارٽي کي عوامي حمايت حاصل ناهي. پشاور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن پي ٽي آءِ …
ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر قيدين جي آزادي تي ڪا به ڳالهه نه ٿيندي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
پشاور- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته وفاقي حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي پر عدالتن مان سزا مليل شخص جي آزادي تي ڪا به ڳالهه نه ٿيندي، سهيل آفريدي جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، سندس پارٽي کي عوامي حمايت حاصل ناهي. پشاور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن پي ٽي آءِ ۽ وڏي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته سهيل آفريدي ۽ سندس پارٽي کي عوامي حمايت حاصل ناهي. هن وڏي وزير تي ڪرپشن ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جا الزام لڳائيندي چيو ته سهيل آفريدي صوبي ۾ ڪرپشن جي بازار گرم ڪري رکي آهي ۽ تمام جدل قانون جي پڪڙ ۾ هوندو. وفاقي وزير چيو ته هو ڳالهين جي تيار آهي، تنهن هوندي به چِٽن لفظن ۾ واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هو سزا يافته آهي، سزا عدالتن مان ملي اٿس ۽ آزادي اسان جي وس ۾ ناهي. هن چيو ته ڳالهيون ٿينديون پر ان جو طريقيڪار هوندو آهي، ايئن ناهي ٿيندو ته اوهان جي سئي رڳو هڪ قيدي تي اٽڪي بيهي، پي ٽي آءِ باني کي سزا عدالتن ڏني آهي ته آزادي اسان ڪيئن ڏئي سگهون ٿا، آزادي عدالتن ذريعي ئي ممڪن آهي. هن چيو ته صوبو دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، عام ماڻهو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قربانيون ڏئي رهيا آهن. سهيل آفريدي جي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، عوامي ڀلائي تي سندس ڪو به ڌيان ناهي. هن چيو ته اسپتالن کان ويندي اسڪولن تائين صورتحال انتهائي خراب آهي. هن عوام تي زور ڀريو ته پنهنجي حق لاءِ صوبائي حڪومت کان سوال ڪن. هن چيو ته پي ٽي آءِ 40 لک ماڻهو ڪڍڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر عين وقت تي مارچ کي معطل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته 40 لک ته گهڻو پري جي ڳالهه آهي اهي هزار ماڻهو نٿا ڪڍي سگهن ۽ عوام کي تڪليف ڏئي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته 9 مئي ۽ 26 نومبر تي جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي ۽ هاڻي به اهڙو ئي منصوبو آهي. گورنر راڄ بابت سوال تي سندس چوڻ هو ته آئين ۽ قانون ۾ گنجائش موجود آهي ۽ سموريون آئيني ۽ قانوني گهرجون به پوريون آهن، جڏهن ته في الحال ان تي ڪا به ڳالهه ناهي ٿي.











